علم الدين بلو سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊ مقرر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار  اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي هٽائڻ سان گڏ ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون آهن، جاري ڪيل  نوٽيفڪيشن موجب سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري محمد اقبال ميمڻ کي بدلي ڪري اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جتان وري علم الدين بلو کي هٽائي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان وري محمد رياض الدين کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي و ئي آهي، سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جو سيڪريٽري سيد سيف الرحمان کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل آصف اڪرام کي بدلي ڪري سيڪريٽري انويسٽمينٽ کاتو مقرر ڪيو ويو آهي، نجم احمد شاهه کان  سيڪريٽري لوڪل گورمينٽ جي اضآفي چارج واپس ورتي وئي آهي، گهرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري ناصر عباس سومرو کي بدلي ڪري ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سميع الله پٺاڻ ايڊشنل ڊي سي سائوٽ ڪراچي مقرر ڪري اتان فهيم الدين ميمڻ کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو ڪراچي ايسٽ مقرر ڪيو ويو آهي، وليد بيگ کي اسسٽنٽ ڪمشنر سول  لائين ڪراچي سائوٿ مقرر ڪري اتان کان ذوالفقارعلي کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر روينيو ملير ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.