ڪشمور پوليس جي 2 گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪشمور (ڊ ر)  ڪشمور ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ان جي ٽيم جي گشت دوران ڏوهارين سان مبينا پوليس مقابلي ۾ جوابدار ھيردين  تيغاڻي ۽ غلام حسين سبزوئي کي ٽي ٽي پسٽل ۽ گولين سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، رات جي انڌيري جو فائدو وٺندي ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا،   ڪشمور پوليس موجب گرفتار جوابدار ھيردين تيغاڻي مختلف شهرن جي ماڻهن کي عورتاڻي آواز تي ھرکائي اغوا ڪرڻ جو ماسٽر مائنڊ آهي. گرفتار   جوابدار مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.