جيڪب آباد ۾ شهرين جو بدامني خلاف ڌرڻو، احتجاجي ريلي

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ۾ آل پارٽيز پاران ڪالهه ٽين ڏينهن تي به سوين شهرين بد امني خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري پريس ڪلب روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي جڏهن ته  احتجاجي ريلي وڏي ميڙ جي صورت اختيار ڪري ورتي ان موقعي تي اڳواڻن عابد سنڌي .شاهد جوادي شعبان ابڙو. قلندر بخش چانڊيو. محبت علي چانڊيو ۽ٻين خطاب ڪندي چيو ته بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي اسان جي احتجاجن جو پوليس ته نوٽيس نه ورتو پر ڏوهارين نوٽيس وٺندي بدامني کي هٿي ڏئي ڇڏي تازو حق باهو محلا ۾ هڪ گهر کي ڌاڙو لڳو لکين رپيا کڻي ويا چوريون ڦرون روز وڌن پيون اسان کي مجبور ڪيو ويو آهي احتجاج لاءِ اسان گهر ٿا ڪريون ته پوليس پنهنجون زميواريون سنڀالي شهرين کي تحفظ فراهم ڪري ۽ شهرين جو سامان واپس ڪرائي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.