تانيا جي امڙ کي انصاف پلئه نه پيو،شهر شهر دربدر

حيدرآباد (رپورٽر) سيوهڻ شريف جي شهر جهانگارا باجارا ۾ 3 سال اڳ بااثر ماڻهن هٿان مزاحمت ڪرڻ دوران قتل ٿي ويل تانيا خاصخيلي  جي امڙ مسمات خورشيد پنهنجي ڌيءُ ناديا ۽ پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سندس ڌيءُ تانيا خاصخيلي جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هن چيوته تانيا سنڌ جي نياڻي هئي، جنهن مزاحمت ڪري پنهنجي جان ڏئي ڇڏي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن کان ڪورٽن ۽ ٿاڻن جا ڌڪا کائي رهي آهيان، پر انصاف ڪٿا به پلئه نه پيو آهي. هن چيو ته تانيا جي قتل بعد هو در در جا ڌڪا کائڻ تي مجبور آهي، گهر کان بي گهر ٿي ويا آهيون، پر خاصخيلي اتحاد جي پاڻ کي سربراهه سڏائيندڙ سرائي نياز خاصخيلي هڪ منصوبي تحت اسان کي پهريان ڪراچي ۽ بعد ۾ نوابشاهه ۾ رهائڻ بعد ڪيس جو راڄوڻي فيصلو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي، هن چيو ته ڏکئي وقت ۾ پاسبان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي قيادت ساٿ ڏنو آهي. پنهنجي ڌيءُ جي قاتلن کي ڦاهي ايندي ڏسڻ چاهيان  ٿي. ڌيءُ جي خون جو ڪنهن قيمت تي سودو نه ٿيڻ ڏينديس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.