نئين شپنگ پاليسي جو اعلان، سيلز ۽ انڪم ٽيڪس ۾ ڇُوٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي حيدر زيدي پاڪستان جي نئين شپنگ پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ميري ٽائيم سيڪٽر پاڪستان ۾ گھٽو نظر انداز رهيو پر اهو سيڪٽر گھڻين وزارت سان سلهاڙيل آهي، سموري اندسٽري پورٽ سان لنڪ هوندي آهي، واپاري، ميري ٽائيم سان سان سڀ کان وڌيڪ لنڪ هوندي آهي ڇو جو امپورٽ ايڪپورٽ جو جائزو ورتو ويندو آهي.

هن چيو ته رزاق دائون ان پاليسي کي بڻائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ سهڪار ڪيو آهي، 1972ع ۾ جڏهن نيشنلائيزيشن ٿي ته شپنگ انڊسٽري به نيشنلائيز ٿي، پهريون جهاز جنهن تي پاڪستان جو جهڊو ڦڙڪايو ويو ان جو نالو فاطما رکيو ويو، سموري انڊسٽري وقت سان گڏ اٿي پر شپنگ انڊسٽري نه هلي، 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ فريٽ ۾ خرچ ڪري رهيا آهيون ڇو جو اسان وٽ جهاز نه آهن.

سندس چوڻ هو ته 2001ع جي ميرين پاليسي تي اسان ڪم ڪيو ۽ هڪ ٽيم بڻائي جنهن انگ اکرن جو جائزو ورتو.

وفاقي وزير پاليسي جو اعلان ڪندي ٻڌايو ته جيڪا به پاڪستاني شپنگ ڪمپني ۽ جهاز رجسٽرڊ ڪندو ته 2030ع تائين تائين ڪا به ڪسٽم ڊيوٽي نه هوندي، پاڪستان ۾ جهاز رجسٽرڊ ڪرڻ تي فرسٽ برٿ انوائٽ هوندو ۽ ٻيٽ تي پاڪستان ۾ رجسٽرڊ جهازن کي برٿ ڏيڻ ۾ ترجيح ڏني ويندي، ان جهاز تي ڪا به انڪم ۽ سيلز ٽيڪس نه هوندي.

وفاقي وزير چيو ته پاڪستان فليگ ڪيريئر کي پاسڪتان جر پورٽ تي اٿي بيهڻ جي پهريون حق هوندو، پرائيويٽ انٽرپرائيزز جو فريٽ رپئي ۾ چارج ٿيندو جيڪو اڳ ڊالر ۾ ٿيندو هو جڏهن ته هاڻ ڪارگو شپ خريد ڪرڻ لاءِ 3 سيڪڙو تي پيسا بينڪ کان ملي سگھن ٿا.

ط

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.