ملڪ جي سياسي شخصيتن پاران پنهنجن علائقن ۾ عيد نماز ادا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيدالاضحيٰ تي هر طرف خوشي جا رنگ پکڙجي ويا، سياسي شخصيتن پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ ايس او پيز تحت عيد نماز ادا ڪئي.

پنجاب جي وڏي وزير ۽ گورنر پنجاب گورنر هائوس ۾ عيد نماز ادا ڪئي جنهن ۾ ملڪ ۽ والاريل ڪشمير جي عوام جي سلامتي لاءِ خاص دعا ڪئي وئي.

ان موقعي تي سماجي وٿي برقرار رکندي هڪ ٻئي کي عيد جي مبارڪباد ڏني وئي.

عمران اسماعيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ، گورنر هائوس جي عملدارن ۽ ٻين ملازمن سان گڏ گورنر هائوس جي مسجد ۾ عيد نماز ادا ڪئي.

عمران اسماعيل عوام کي اپيل ڪئي ته هو ڪرونا ايس او پيز تحت عيد ملهائين. ان موقعي تي هن صوبي جي عوام کي عيد تي مبارڪباد ڏني.

ريلوي واري وزير شيخ رشيد لاهور ۽ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق منصوره ۾ عيد نماز ادا ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.