سون وڌيڪ مهانگو، اگهه ٻُڌي توهان جا به هوش اڏي ويندا…!

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جو مُلهه چوٽ چڙهڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ تازو 1950 رپيا واڌ کانپوءِ في تولو سون هڪ لک 20 هزار 8 سئو رپيا ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ کانپوءِ مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ به سون جو اگهه وڌندو پيو وڃي ۽ ملڪ ۾ في تولو سون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

جيولرز ايسوسيئيشن موجب في سولي سون جي قدر ۾ 1950 رپيا واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ في تولو سون هڪ لک 20 هزار 8 سئو رپين ۾ ٿي ويو آهي.

آل پاڪستان جيولرز مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي چيئرمين محمد ارشد جو چوڻ هو ته 10 گرام سون 1672 رپيا مهانگو ٿي هڪ لک 3 هزار 566 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي سون جي ٽريڊنگ 1901 ڊالر في اونس تي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.