سنڌ حڪومت شاپنگ مالز ۽ 7 ئي ڏينهن واپار کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت وفاق کان منظوري بعد شاپنگ مالز کي کولڻ ۽ هفتي جا ست ئي ڏينهن واپار جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

تفصيل موجب سنڌ حڪومت عدالتي حڪمن جي تحت شاپنگ پلازه بابت نيشنل هيلٿ ريگوليشنز واري وزارت کي درخواست موڪلي هئي جنهن جو جواب اچي ويو آهي. جواب ۾ چيو ويو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر سنڌ حڪومت جي درخواست جو جائزو ورتو آهي ۽ هن کي انهن قدمن تي ڪو به اعتراض ناهي. صوبائي حڪومت شاپنگ مالز کي کولڻ جي صورت ۾ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائي.

وفاق کان منظوري کان صوبائي گهرو کاتي صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين شاپنگ پلازه ۾ واپاري سرگرمين جي اجازت ڏيڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان کان سواءِ ترميمي حڪم نامي ۾ صوبي ۾ هفتي جا ست ئي ڏينهن واپاري سرگرميون جاري رکڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ٻئي پاسي ضابطا طائي ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شالواڻي جي صدارت هيٺ ضلعي ڊپٽي ڪمشنرن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز ۽ شاپنگ مالز جي نمائندن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪراچي جي ڪمشنر ضابطن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ موثر قدمن جي هدايت ڏيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ايس او پيز تي عملدرآمد جي قدمن جي نگراني ڪري ۽ ڀڃڪڙين تي ڪارروائي ڪري.

ايس او پيز:

ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شالواڻي شاپنگ مالز جي لاءِ ايس او پيز جو نوٽيفيڪشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب 12 سالن کان گهٽ ۽ 55 سالن کان وڌيڪ عمر جي خريدارن کي مالز ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي،. خريدارن جي هٿن کي سينيٽائزر جي ذريعي جراثيم کان پاڪ ڪيو ويندو، ڪو به خريدار ماسڪ کان سواءِ مالز ۾ داخل نه ٿيندو. خريدارن کي مالز ۾ موجود انگ کي ڏسي انهن جي اندر داخل ٿيڻ کي ڏسڻو پوندو. سماجي وٿي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل طريقيڪار جي مدد ورتي ويندي.

ان کان سواءِ بخار، زڪام ۽ کنگهه ۾ مبتلا ڪنهن به خريدار کي مالز سينٽر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. هر خريدار جي ٿرمل گن سان اسڪيننگ ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.