مقصودي رند ۾ لاڪ ڊائون، جمعي نماز به نه ٿي سگهي

مقصودو رند(ن ع آ)سنڌ ۾ ڪرونا وائرس کان بچاء خاطر سڄي سنڌ جيان مقصودو رند ۽ ڀرپاسي وارن علائقن لنڊو۔چودگي ۽ معروف ڏاهري ۾ به پنجين ڏينهن تي لاڪ ڊائون آهي عام واهپي جي دڪانن ۽ پيٽرول پمپن کان علاوه ٻيو سمورو ڪاروبار بند آهي پوليس پاران گشت جاري آهي ۽ ڊبل سواري تي پابندي آهي ماڻهو گهرن تائين محدود آهن ٽريفڪ روڊن تان غائب آهي ۽ روڊ رستا ويران پيل آهن جڏهن ته پيسٽي سائيڊ ۽ پيڍين کي سنڌ سرڪار جي اجازت ملڻ بعد کوليو ويو نماز جمعي تي به پابندي هئڻ ڪري مختلف هنڌن تي نماز جمع  نه ٿي سگهي جڏهن ته شهر بند هئڻ ۽ ڪار وهنوار بند هئڻ ڪري مزدور طبقو سخت پريشان آهي جڏهن ته وڏي وزير جي حڪمن کي حيسڪو شاهپور چاڪر ۽ حيسڪو شھدادپور ٿڏي ڇڏيو آهي ۽ (18) ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب شهري توڙي ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن ۽ مڇرن جي آزار سبب راتيون جاڳي ڪاٽڻ تي مجبور آهن ۽ مڇرن جي آزار سبب مليريا بخار ۽ ٻين موذي مرضن منھ ڪڍيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.