ڪورونا وائرس سبب قومي ڪرڪيٽرن جي فٽنس ٽيسٽ ملتوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب قومي ڪرڪيٽرن جي فٽنس ٽيسٽ ملتوي ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب موجودا صورتحال ۾ ڪرڪيٽرن کي ٽيسٽ جي تياري لاءِ مڪمل سهولتون فراهم نه ٿي رهيون آهن ان ڪري رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ ملتوي ڪئي وئي آهي.

سينٽرل ڪنٽريڪٽ يافته ڪرڪيٽرن جي فٽنس ٽيسٽ اپريل جي ٻئي هفتي کان شروع ٿيڻي هئي جنهن لاءِ هاڻي نئون شيڊول ٺاهيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبائي ايسوسي ايشنز جي ٽيمن ۽ سيڪنڊ اليون جي رانديگرن جي فٽنس ٽيسٽ به ملتوي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته رانديگر فٽنس ۽ ٽريننگ جي حوالي سان ڪوچز ۽ ٽرينرز کي آگاهه ڪرڻ جا پابند هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.