ڪراچي: ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس سبب عورتن سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترن جي حالت خراب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ زهريلي گئس سبب عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن 20 کان وڌيڪ ماڻهن جي حالت خراب آهي.

واقعو ٽرمينل تي سامونڊي جهاز جي لوڊنگ دوران ڪيميل هارجڻ جي نتيجي ۾ زهريلي گئس پکڙجڻ سبب پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا بيهوش ٿي ويا.

واقعي کانپوءِ ريسڪيو ٽيمن متاثرن کي ويجهي اسپتال پهچايو، جتي ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻين جي حالت خراب آهي.

ايس ايڇ او جيڪسن ملڪ عادل موجب جهاز مان ڪيميڪل هارجڻ سبب زهريلي گئس پيدا ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ رهواسين کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.