مُنهنجي اکين جو سهارو ڪير بڻجندو!!:حفيظ چانڊيو

هيلن ڪيلر جو سبق مون جڏهن اسڪولي ڏهاڙن ۾ پڙهيو هو، ته هوءَ مونکي هڪ بهادر ڇوڪريءَ جي روپ ۾ ملي هئي، جڏهن ته سندس جيون ۾ اکين جي روشني بغير هر طرف اونداهي ئي هئي پر تنهن باوجود هن مايوسيءَ کي ويجهي اچڻ نه ڏنو، پر پنهنجي همت ۽ حوصلي کي مضبوطيءَ سان پڪڙي هن پنهنجيءَ اونداهي زندگيءَ منجهه روشني آڻڻ جي لاءِ عام نارمل ٻار جيئن سخت محنت ڪري، زندگيءَ کي معنٰي بخشي هئي.
مس هيلن ڪيلر جهڙا انيڪ نابين ٻارڙا سنڌ جي مقدس ۽ چيڪي مٽيءَ مان اڄ به جنم وٺندا رهن ٿا، جن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ادرا کليل آهن، جتي کين سرڪاري سطح تي عام ٻارڙن جيئن پاڙهيو ويندو آهي، اڄ آءٌ لاڙڪاڻي ۾ نابين ٻارڙن جي اسڪول چانڊڪا اسپيشل ايجوڪيشن مسٽر امان الله جکرو سان ملڻ ويس، جيڪو اتي پرنسيپال آهي، مون اسڪول ويندي اسڪول جي آڳر تي ٻاتا ٻول ٻوليندڙ انيڪ معصوم گلن جهڙا ٻارڙا ڏٺا جيڪي اسڪول جو سينگار پئي لڳا، سندن موجودگي ائين محسوس ٿي رهي هئي ڄڻ ڪي مختلف جنسن جا گل ڪنهن باغيچي جو حسن وڌائيندا هجن ۽ ماحول کي معطر ڪندا هجن،سندس گلاب جي گل جهڙي ڪچڙي وجودن منجهه اکين جي روشنائي جي خزان ڪنهن بيماريءَ جي صورت ۾ اچي سندن جيون ۾ اونداهي ڦهلائي هئي پر چانڊڪا اسپيشل ايجوڪيشن جو بنيادي مقصد ئي اهڙن نابين ٻارڙن کي مفت تعليم ڏيڻ آهي، کين قابل بڻائي سماج جي بهترين فردن جي قطار ۾ بيهڻ جي سگهه بخشڻ ، شيڪسپيئرانهيءَ معاملي ۾ ڪيڏو نه سٺو چيو آهي، ته ”مصيبت ۾ مُبتلا ماڻهن جو واحد سهارو اُميد آهي.
Optimism is the faith that leads to achievement. Nothing can be done without hope and confidence
نابين ٻار(اسپيشل ٻار) حياتيءَ جي اوکي جنگ ۾ هر وقت ڪنهن انقلابي سورمي جيئن لڳندا آهن، پنهنجي جيون ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو هر وقت تيار رهندا آهن.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ نابين ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ چانڊڪا اسپيشل ايجوڪيشن لاڙڪاڻو جو بنياد اپريل 1987ع ڌاران پيو، جنهن جو پهريون پرنسيپال امانُ الله جکرو ئي هيو جيڪو هن وقت به پنهنجي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان نابين ٻارڙن جي لاءِ پتوڙي رهيو آهي، لاڙڪاڻي شهر ۾ هيءُ نابينن جو واحد ادارو آهي جنهن مان انيڪ نابين ٻارڙا تعليم جي زيور سان مالامال ٿيا ۽ تعليم حاصل ڪرڻ بعد هو ملڪ جي مختلف ادارن اندر پنهنجي سچائيءَ سان ڊيوٽي ڪري خوب نالو ڪمايو آهي جن ۾ نامور استاد ۽ سماجُ سڌارڪ رياض حسين ميمڻ، نامور ڳائڻو اسدالله ابڙو جيڪو هينئر اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، انور علي چن جيڪو نهايت ئي سهڻي آواز جو مالڪ آهي، جنهن وڏي محنتن بعد نيشنل هاءِ ويز اٿارٽيءَ منجهه نوڪري ورتي ۽ هينئر هو ان اداري منجهه هڪ اهم ذميواري نڀائي رهيو آهي، خادم حسين سانگي به نابين نوجوان آهي، جنهن پڙهائيءَ بعد پورهئي کي عيب نه سمجهيو ۽ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ اخبارون کپايون ۽ نيٺ قدرت مٿس مهربان ٿي ۽ کيس ڪورٽ ۾ ئي بطور آپريٽر جي نوڪري ملي ويئي، هن هاڻي هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي منجهه ڀرپور جذبي سان ڪم ڪار ڪري پوري ڪورٽ ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
سنڌ پوليس لاڙڪاڻو ۾ الطاف ميمڻ وائرليس آپريٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي، اسدالله چانڊئي، هن اداري مان تعليم حاصل ڪئي، سندس زندگيءَ منجهه اونداهي اچي وئي جڏهن هن انٽر پاس ڪئي، اوچتو سندس نظر بلڪل ختم ٿي وئي ۽ ڪجهه وقت هو پريشان رهيو پر اميد جو دامن هٿن مان نه ڇڏيائين، مسلسل محنت ۽ سچائيءَ واري جذبي سان هن اداري ۾ رياض ميمڻ جي معرفت داخلا ورتي، ۽ ڪجهه مهينن جي پڙهائيءَ بعد هو ساڳي اداري ۾ بطور والنٽير بريل ٽيچر طور ٻين نابين ٻارڙن کي پڙهائڻ لڳو،هن علم سان بي پناهه محبت ڪئي آهي، ڊومينو انگلش لينگئيج سينٽر مان تازو آءِ ليٽس ڪري ٻاهرين ملڪ جي تيارين ۾ مصروف آهي، اسڪول جو هي ذهين ٻار تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. پنهنجي سڀاءَ ۾ انتهائي سلڇڻو هيءُ مانجهي مڙس جٿي به ويندو ڄڻ ته يار ۽ دوست ٺاهيو ايندو آهي.
امجد شيخ جنهن مقابلي جي امتحان تحت جي ايس ٽي جي نوڪري ماڻي پنهنجي والدين جي سپنن کي ساڀيان ڪيو آهي، خليل شيخ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، اختيار ۽ مختيار مگسي رشتي ۾ ٻئي ڄڻا ڀائر آهن، پر قدرت ٻنهي جي آواز ۾ عجيب قسم جو جادو رکيو آهي، خدا تعاليٰ سندن ڳلي کي اهڙو ته سرور بخشيو آهي جو ٻڌندڙ کين ٻڌندي روحاني طور فرحت محسوس ڪندا آهن، غوث بخش ۽ حسنه ڀٽي به ڪمال جا ٻاڙا آهن جيڪي هينئر هڪ ڪامياب ۽ نارمل زندگي گهاري رهيا آهن جيڪي تعليم کاتي ۾ پاڙهي رهيا آهن، سندن آواز ۾ هڪ جادو سمايل آهي، هي ٻئي ڀاءُ ۽ ڀيڻ به وڏن محنتي شاگردن جي حيثيت ۾ اداري ۾ پڙهيا. اڄ به انيڪ نابين ٻار مس هيلن ڪيلر جيئن پنهنجن معزز استاد مس سليوان جي بي پناهه عزت ڪري ساڻن پيار ڪن ٿا، نابين ٻار به معاشري ۾ رهندڙ ٻين عام ٻارڙن جهڙا ئي هوندا آهن، خصوصي ٻار پنهنجي استادن کي آدرشي سمجهي کانئن سکندا رهيا آهن، هو پنهنجي معزز استادن کي پنهنجي وجود کان پري ناهن ڀائيندا، ڇاڪاڻ ته هي اهي ٻارڙا آهن جن استاد کان سواءِ ٻيو ڏٺو ئي ڇا آهي، سندن اونداهين زندگين ۾ جوت جلائڻ وارا سندن استاد ئي هوندا آهن، خصوصي ٻارڙا پنهنجي استادن کي پنهنجي والدين جيئن عزت ۽ احترام سان پيش ايندا آهن، اهو ان لاءِ ته استاد کين اونداهين مان کڻي روشنين ۾ آڻيندو آهي ۽ استاد جي ذريعي ئي سندن حياتيءَ ۾اڻ ڳڻيون خوشيون سندن اڱڻ تي اينديون رهن ٿيون ، اهڙيون خوشيون سندن لاءِ ڪيڏيون نه قيمتي هجن ٿيون! ۽ اهي خوشيون سندن زندگيءَ منجهه ڪيتريون پراثر ٿي سندن زندگيءَ ۾ تبديلي آڻي ڇڏينديون آهن.
انيڪ ماڻهن لاءِ ڪتاب صرف پڙهڻ لاءِ ئي هجن ٿا پر هي نابين ٻار انهن ڪتابن کي پڙهن به ٿا ته پڙهجن به ٿا، سندن خلوصِ محبت سان ڪيل جدوجهد سندن خوشيءَ ۽ ڏاهپ جا خزانا کڻي ايندي آهي، مشهور ڏاهي “ڪير ولين گورڊن” سچ چيو آهي ته: ”ڪتاب هڪ اهڙو جادوئي قالين آهي، جنهن تي سوار ٿي، اسان هڪ اهڙي دنيا جا منظر ڏسي سگهون ٿا، جن کي ڏسڻ لاءِ اسان وٽ ڪو ٻيو طريقو ناهي.“سو ڪير ولين گورڊن جي چيل لفظن جي هي نابين ٻارڙا حقيقي تصوير لڳي رهيا آهن. هڪ دفعي مون نامور تعليم دان ۽ چانڊڪا اسپيشل ايجوڪيشن جي روح روان امان الله جکرو سان ڪچهري پئي ڪئي ته هن ان پرمغز ڪچهريءَ دواران ٻڌايو ته هن اداري منجهه 50 کان مٿي نابين ٻارڙا پڙهي رهيا آهن جن جو تعلق لاڙڪاڻي شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ سان آهي، جيڪو وڏي سوچ ويچار ڪرڻ تي مجبور پيو ڪري، ڇاڪاڻ ته هڪڙي شهر ۾ 50 کان وڌيڪ نابين ٻارڙن جو هجڻ واري شرح وڏي آهي ۽ ڳڻتي جوڳي به آهي، هن اداري مان تعليم پرائيندڙ نابين ٻارڙن جو تعلق ميمڻ، چانڊيا، مگسي، چن، عباسي،ڏاهاڻي، ميراڻي، بگٽي، سما ۽ ملگاڻي ذاتين سان آهي.
هن اداري منجهه گورنمينٽ سطح تي بنا ڪنهن فرق جي نابين ٻارڙن کي تعليم بلڪل مفت فراهم ڪئي ويندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ مفت ۾ کين يونيفارم ۽ ڪتاب پڻ مهيا ڪيا ويندا آهن، نابين ٻارڙن کي سندن گهرن کان کڻڻ ۽ سندن درن تائين پهچائڻ لاءِ هن اداري وٽ هڪ سوزوڪي ۽ هاءِ ايس موجود آهي، ۽ اڃان هن اداري کي هڪ وڌيڪ هاءِ ايس جي سخت ضرورت آهي، نابين ٻارڙن کي فني تعليم ۾ ووڪيشنل ٽريننگس جنهن ۾ کين ڪرسين کٽن واڻن جي هنري تعليم پڻ ڏني ويندي آهي،۽ پڙهائيءَ جي دوران کين ميوزڪ جي باقائدگيءَ سان سکيا ڏني ويندي آهي ته جيئن هو پنهنجي عملي زندگي ۾ سماج ۾ بهتر نموني سان اٿي ويهي سگهن ۽ پنهنجي قابليت جي بنياد تي سڃاڻپ ٺاهي سگهن.
چانڊڪا اسپيشل ايجوڪيشن ۾ استادن پاران نابين ٻارڙن کي نارمل ماڻهن جيئن ڪرڪيٽ کيڏڻ ،سائيڪلنگ، ڪمپيوٽر هلائڻ، سئمنگ، رائيڊنگ ۽ جون مشقون به ڪرايون وينديون آهن جن سان سندن ذهني ۽ جسماني اپروچ ۾ واڌ ايندي آهي ۽ کين جذبو پيدا ٿيندو آهي، کين همٿائن جي لاءِ ادارو هر ڪوشش ڪندو رهندو آهي، اداري پاران نابين ٻارڙن کي تفريحي ماڳن ۽ مڪانن کان ويندي تاريخي جڳهن تي گهمڻ جا موقعا مهيا ڪيا ويندا آهن ته جيئن هو تاريخي جڳهن ،ماڳن ۽ مڪانن کي گهمي انهن مان ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ۽ منجهن ڪجهه ڪانفيڊنس پيدا ٿي سگهي،هن اداري پاران کين پوري ملڪ جون تاريخي جڳهون گهمايون ويون آهن جن ۾ قائدِ اعظم جي مزار، منهوڙو، عبدالله شاهه غازي، لاهوت لا مڪان، پشاور، لاهور، ملتان، ڪوٽڏجي، سيوهڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، منڇر،ڪينجهر، سميت ملڪ جي سڀني درگاهن تي گهمايو ويو آهي، هن اداري ۾ نابين ٻارڙا ڪيترن سالن کان اسڪول ۾ موجود پرنسيپال ۽ استادن جي سهڪار سان نيشنل ۽ انٽرنيشنل ڏهاڙا ملهائيندا رهيا آهن، ۽ انهيءَ ڏهاڙن جي تاريخي حوالي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ تقريرون به ڪندا آهن، نابين ٻارڙن جي فلاح بهبود لاءِ ملڪي ليول تي هڪ تنطيم ٺهيل آهي، جنهن جو نالو پاڪستان ايسوسيئيشن آف دي بلائينڊ آهي.
پي اي بي پاران نابين ٻارڙن جي ڀلائيءَ جي لاءِ وڏي پيماني تي ڪوشش جاري آهي، جنهن جي اڳواڻي نامور سماج سڌارڪ ۽ تعليمدان رياض ميمڻ ڪري رهيو آهي، هو پنهنجي پوري نابين ڪميونٽيءَ ،مخير حضرات جي سهڪار سان نابين ٻارڙن کي پاڙهي رهيو آهي،۽ هن تنظيم پاران شام جي وقت ۾ نابين ٻارڙن کي مفت ۾ پڙهايو ويندو آهي ۽ کين هنري سکيا پڻ ڏني ويندي آهي، هن تنظيم جي قائم ڪيل فري ٽيوشن سينٽر پاران کين پرنٽيڊ بوڪس به مفت ۾ مهيا ڪيا ويندا آهن، پي اي بي اداري جي قيام ۾ خدمتن کي وسارڻ پاڻ وسارڻ جهڙو هوندو، نامور تعليمدان مختيار سمون ٻارڙن جي لاءِ پنهنجي انگريزي ٻوليءَ جي سکيا واري ناليج سينٽر ۾ نابين ٻارن کي مفت ۾ پاڙهيندو رهيو آهي، جنهن جي ڪري اڪثر نابين ٻارڙا انگريزي ٻوليءَ ڳالهائڻ ۾ ڀڙ آهن.اڄ جيڪي به نابين ٻارڙا چڱين جڳهين تي نوڪريون ڪري رهيا آهن تنهن جو سهرو وڃي رهيو آهي، خصوصي ٻارڙن لاءِ همدرداڻو جذبو رکندڙ هيءُ فقير منش کين مالي امداد به ڪندو رهيو آهي جيڪو سندس انسان دوستيءَ جو هڪ اعلٰي نمونو آهي.
اسڪول جي پرنسيپال امان الله جکري ٻڌايو ته:“ 1999ع ۾ هن اداري کي سرڪاري طور هڪ بلڊنگ مهيا ڪئي وئي هئي“،نابين ٻارڙن لاءِ اهڙو قدم کڻڻ يقينن ساراهه جوڳو عمل آهي،­­ ­­­هن اداري منجهه 15 استاد ڪم ڪري رهيا آهن ۽ 15 ڄڻا نان ٽيچنگ اسٽاف کي ملائي ڪُل هن اداري ۾ 30 ماڻهو سرڪاري طور تي پنهنجون پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن،­­­­­­­­­­­­­­­­­ اڳوڻو ڊي سي لاڙڪاڻو 2006ع ۾ 10 منٽن جي سرپرائيز وزٽ لاءِ هن اداري ۾ آيو هيو، نابين ٻارڙن سندس مٿان گلن کي نڇاور ڪيو هو، نابين ٻارڙن جي اهڙي پيار کي ڏسي اڳوڻي ڊي سيءَ منجهن 50 سوئيٽر، اسڪول لاءِ 50 ڊيسڪون ۽ امبوزر مشين جيڪا آمريڪا مان گهرائي ويئي هئي، جنهن جي ماليت لکاها رپيا ٿيندي، پي اي بي اداري جي لاءِ ڏني ڊي سي پاران جنريٽر ۽ ٿڌي پاڻي جي مشين ڊونيٽ پڻ ڪئي ويئي آهي جنهن مان نابين ٻارڙا مستفيد ٿيندا رهن ٿا ۽ کين اڻ ڳڻيون دعائون ڏيندا رهن ٿا.لاڙڪاڻي ضلعي انتظاميا کي گهرجي ته اسپيشل ٻارڙن سان گڏجاڻيون ڪن ته جيئن منجهن حوصلو ۽ همت پيدا ٿيئي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان لاڙڪاڻي جي هڪ معزز شخص نابين ٻارڙن کي رمضان مهيني ۾ عيد لاءِ قيمتي وڳا ۽ خرچيون ڏيندو رهيو آهي.
1999ع جو هي هڪ دلچسپ واقعو آهي ته (اڳوڻو ڊي سي ميرپورخاص) جن لاڙڪاڻي جي نابين ٻارڙن کي رات جي ماني جي دعوت ڏني، هو شفيق انسان هيو، هن جو نابين ٻارڙن کي ڊنر جي دعوت تي گهرائڻ جو بنيادي مقصد هو ته نابين ٻارڙن منجهه هڪ احساس پيدا ٿئي ته هو سماج جا شان ۽ مان وارا ماڻهو آهن، نارمل انسانن جيئن نابين ٻارڙا به زندگي گذاري سگهڻ جي قوت رکن ٿا،
حيدرآباد پبلڪ اسڪول ۾ 1992ع دوران نابين ٻارڙن جي وچ ۾ “ٽيلينٽ هنٽ” مقابلو منقد ٿيو هيو ۽ هي مقابلو صوبائي مقابلو هو، پوري صوبي مان ٻارڙا آيل هيا، وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو ان صوبائي مقابلي ۾ هن اداري جي نابين ٻارڙن گيمز کان وٺي هر مقابلي منجهه پوزيشنون ماڻيون هيون. جنهن تي ان وقت جي سيڪريٽري اسپيشل ايجوڪيشن کين وڏي پيار منجهان انعام اڪرام ڏيئي سندن حوصلي افزائي ڪئي هئي،قدرت جي نابين انسانن کي بنا اکين جي باوجود علم جهڙي زيور سان مالامال ڪندي رهي آهي، نابين ٻارڙن کي تعليم پرائڻ وارن معاملن دوران ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پوندو آهي.اڄوڪي دور ۾ خصوصي ٻارڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
ڪجهه عرصو اڳ آمريڪا جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به محققن پاران هڪ تحقيق ڪئي ويئي آهي ته آمريڪا ۾ ڇهن ٻارڙن مان هڪ ٻار نظر جي ڪمزوري جو شڪار ٿئي پيو ۽ اهو عمل تيزيءَ سان وڌندو پيو رهي. نظر جي گهٽتائي ڪري انهن ٻارڙن جي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. دنيا جي جن به ملڪن ۾ تعيلم ۽ صحت جي شرح ۽ معيار بهتر آهن انهن ملڪن ۾ سهولتون به يقيني طور بهتر هونديون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نابين ٻارڙن جي لاءِ حڪومتي سطح تي جديد سهولتن واري تعليم ڏياري وڃي، سندن ضرورتن ۽ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي مدِنظر رکندي سندن واهر ڪئي وڃي. سندن خيال رکڻ لاءِ ڊرائيورن کي خصوصي هدايتون ڏنيون وڃن، سول سوسائٽي،سماجي.سياسي،مخير حضرات، کي هنن معصوم ٻارڙن کي عام شهرين جيان عزت جي نگاهه سان ڏسي کين گهربل مقام ڏين ۽ ساڻن وڏي پيار ۽ محبت سان پيش اچن ته جيئن منجهن ڪنهن محرومي يا مايوسيءَ جو احساس نه رهجي وڃي، ڇاڪاڻ جو دنيا اندر انيڪ نظرن وارا ماڻهو به بي ديد نظرن سان جيئندا آهن ،جنهن سبب سندن جيون ڏکيو گذرندو آهي ، نابين ٻارڙن جي تعليم ئي سندن لاءِ اهم ۽ ٽين اک هجي ٿي جيڪا هنن لاءِ دنيا کي سڌي راهه سان وٺي سندس منزل تائين رسائيندي آهي. اک انسان جي عضوون مان هڪ اهم عضوو آهي جنهن جي ذريعي هودنيا جا نظارا پسندو آهي،بنا نظر ڀلا انسان اونداهي کاڻ ۾ويٺل نظر ايندو آهي. نظر ۽ تعليم جو پاڻ ۾ انتهائي ويجهو رشتو آهي. سماج ۾ نابين ٻارڙن سان بي پناهه محبت لاءِ هر ماڻهوءَ منجهه جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي ،کين معاشري ۾ سهڻن لفظن سان ڳالهائي سندن دلين مان نڪرندڙ دعائون ورتيون وڃن.  سندن اهڙي چيلينجز سان ڀريل زندگيءَ منجهه سندن جذبي، اڻ ٿَڪ جاکوڙ ۽ انساني همدرديءَ جو پيدا ٿيندڙ احساس ٻين آڏومثال پيش ڪري سينواريل هن سماج مان تبديليءَ جي روشن اميد کي اُجهامڻ کان اڳ جهپي دنيا آڏو کين عام ٻارڙن جيئن عزت ۽ مان بخشي کين پنهنجائپ جو احساس ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.