رپورٽ: هالا: پيرپاڳاري جي پٽ کي اغوا جي ڪوشش ڪندڙن جي گرفتار لاءِ احتجاج

[zoomsounds_player artistname=”رپورٽ: هالا: پيرپاڳاري جي پٽ کي اغوا جي ڪوشش ڪندڙن جي گرفتار لاءِ احتجاج” songname=”عوامي آواز رپورٽ” type=”detect” source=”http://videos.awamiawaz.com/audio/reports/20190705Hala Pkg-05.mp3″ config=”default” autoplay=”off” loop=”off” open_in_ultibox=”off” enable_likes=”off” enable_views=”off” play_in_footer_player=”off” enable_download_button=”off” download_custom_link_enable=”off”]

 

*هالا ۾ حُرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳارا جي فرزند عثمان شاهه راشدي ۽ ان جي فرزند کي ڪراچي مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش واري واقعي خلاف حُر جماعت پاران احتجاج ڪيو ويو

پير پاڳاري جي مريدن   نائب مُک خليفو قادر بخش ابڙو، حاجي حيات ابڙو، علي شير ابڙو، عاقل ابڙو، ٻٻر ابڙو، عثمان ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هالا پريس ڪلب هالا اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳوانن چيو ته ڪراچي مان پير صاحب پاڳارا جي فرزند عثمان شاهه راشدي ۽ سندس فرزند کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي جنهن جو ملير ٿاڻي تي جوابدار منظور ڏاهري، لعل ڏاهري ۽ محمد جوکيو مٿان ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي

، هنن چيو ته ڪراچي جي پوليس جوابدارن اڳيان بلڪل بي وس آهي سموري سنڌ جا حُر سراپا احتجاج آهن مگر سنڌ حڪومت توڙي سنڌ پوليس جي ڪن تي جونءَ به ڪانه ٿي سُري،

هنن مطالبو ڪيو ته عثمان شاهه راشدي ۽ سندس فرزند جي اغوا ڪوشش ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.