مائي بختاور شهيد جي جدوجهد

يوسف سيف

 مائي بختاور شهيد سنڌ جو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن عملي طور هارين جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ بهرو ورتو ۽ هڪ ظالم زميندار سان جهيڙي دوران شهادت ماڻي. سندس ان عمل کي مورخ ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندو. اهو پاڪستان جي قيام کان ٿورو اڳ جو واقعو آهي.

سنڌ هاري ڪميٽي جڏهن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي هئي ته ان جدوجهد دوران ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پيون هيون. اهڙي ئي هڪ مرحلي تي هڪ هارياڻي مائي بختاور شهيد پڻ پنهنجي حياتي جي قرباني ڏئي، هارين جي حقن لاءِ هلندڙ جدوجهد کي نئون رخ ڏنو هو.

سنڌ هاري ڪميٽي جي پروگرام ۾ هڪ اهم نقطو اڌواڌ بٽئي به شامل هو، جنهن جو مطلب زمين تي ڪم ڪندڙ هاري کي محنت جو مناسب اجورو ڏيارڻ هو، اها تحريڪ جڏهن شروع ٿي ته ان کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مثبت موٽ ملي، سنڌ هاري ڪميٽي هارين کي گڏ ڪري کين پنهنجن حقن بابت شعور ڏيڻ ۽ ان لاءِ منظم جدوجهد ۾ شامل ڪرڻ جو ڪم ڪري رهي هئي. ان تحريڪ دوران هارين جا اڳواڻ مختلف علائقن ۾ وڃي هارين کي سندن صورتحال کان آگاهه ڪندا هئا، مسئلا معلوم ڪندا هئا ۽ ان جي حل لاءِ پروگرام ترتيب ڏيندا هئا. ان ڪوشش ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اڌواڌ بٽئي لاءِ امينن کي گڏ ڪري زميندار کي نياپو ڪيو ويندو هو ته هو اچي پنهنجو اڌ حصو کڻي وڃن. ابتدائي مرحلي ۾ ائين ٿيندو رهيو ۽ جڏهن هاري منظم ۽ مضبوط ٿيا ۽ سنڌ هاري ڪميٽي هڪ سگهاري تنظيم ٿي اڀري تڏهن هارين ۽ زميندارن ۾ تڪرار به تيز ٿيندو ويو، جنهن جا ڪيترائي مثال موجود آهن.

سنڌ ۾ سکر بيراج جي تعمير سان لکين ايڪڙ زمين آباد ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿيا، ان زمين کي هٿ ڪرڻ لاءِ مقامي جاگيردار، وڏيرا توڙي ٻاهران کان ايندڙ ڌريون پڻ سرگرم هيون. صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 1936ع ۾ سنڌ جي گهڻگهرن ۽ هڏڏوکين سنڌ هاري ڪميٽي نالي هڪ نج هاري تنظيم جوڙي، جنهن جو پوءِ سياسي ڪردار پڻ رهيو ۽ ان تنظيم کي عوام ۽ هارين جي وڏي موٽ ملي. سنڌ هاري ڪميٽي جي ڪوشش هئي ته بيراج ٺهڻ سان نئين آباد ٿيندڙ زمين مقامي بي زمين هارين کي ڏياري وڃي. ان لاءِ حڪمت عملي جوڙي ۽ جدوجهد شروع ڪئي وئي. عوامي موٽ سان هر تعلقي، شهر ۽ ديهه جي سطح تي تنظيم جي جوڙجڪ ڪئي وئي. جنهن جو ان دور ۾ وڏو اثر ٿيو ۽ ڪافي ڪاميابيون مليون.

هاري ڪميٽي جي اهڙي جدوجهد ۾ انڊيا جي ڪميونسٽ پارٽي، ڪانگريس ۽ جمعيت علماءِ هند به حمائتي پارٽيون رهيون، انهيءَ زماني ۾ ئي ڪسان سڀا نالي هارين جي تنظيم پڻ هندستان ۾ هارين کي حق ڏيارڻ لاءِ جاکوڙي رهي هئي. انهن پارٽين ۽ جماعتن جي حمايت ۽ جدوجهد سان سنڌ هاري ڪميٽي جو ڪم پڻ تيزي سان وڌي رهيو هو. نتيجي ۾ سنڌ جي مقامي هارين کي زمينون مليون ۽ اها هڪ تاريخي ڪاميابي نصيب ٿي.

انگريزن ان دوران پنهنجن حامين ۽ مستقبل ۾ پنهنجي اثر کي قائم رکڻ لاءِ پڻ ڪيتريون ئي سازشون سٽيون،اٽڪلون ڪيون ۽ سنڌ ۾ جاگيردار طبقو پئدا ڪيو. جنهن وقت بو قت سنڌ کي وڏو نقصان پهچايو ۽ انگريزن جي انهيءَ نوازيل طبقي مان ئي هڪ خاص مفاد پرست طبقو پيدا ٿيو هو، جيڪو هينئر پڻ سنڌ ۾ موجود آهي.

هارين جي جدوجهد جو هڪڙو مرڪز ٿر جو بيراجي علائقو پڻ هو، هارين جي حقن لاءِ هلندر جدوجهد جو اثر هتي به ٿيو. تعلقي عمرڪوٽ ۾ نبي سر ۽ ڪنري ڀرسان قادياني اسٽيٽ قائم هئي، هڪ اندازي موجب اها اسٽيٽ 20 هزار ايڪڙن تي مشتمل هئي. زمين جا مالڪ هارين سان انتهائي اڍنگو سلوڪ ڪندا هئا. هارين سان اهڙي ظلم خلاف سنڌ هاري ڪميٽي ميدان ۾لهي آئي ۽ قادياني اسٽيٽ جي هارين کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو.

مائي بختاور جي شهادت:

مائي بختاور لاشاري 1880ع ۾ ڳوٺ دودو سرڪاڻي لڳ روشن آباد تعلقو ٽنڊوباگو ۾ مراد لاشاري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد مراد لاشاري ميرن وٽ هاري هو. بختاور مائٽن جو پهريون اولاد هئي، جنهن ڪري مائٽن جو هن تي وڌيڪ ڌيان هوندو هو. مائٽن مائي بختاور جي شادي سندس سئوٽ ولي محمد لاشاري سان 1898ع ۾ ڪرائي. 1906ع ۾ مائي بختاور کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد خان رکيو ويو. ان کانسواءِ مائي بختاور کي ٻيا به ٽي ٻار پئدا ٿيا هئا. جنهن ۾ قاضي لعل بخش، محمد صديق ۽ نياڻي راستي به شامل آهن.

مائي بختاور پنهنجي مڙس ولي محمد لاشاري سان هاڪڙي درياهه جي کاٻي ڪپ تي ڳوٺ هيئدو ۾ رهندي هئي، سندس مڙس وٽ ٻاڪرو مال به چڱو خاصو هو، سندس مڙس قادياني اسٽيٽ ۾ هاري هو. هارين جي جدوجهد ۾ مائي بختاور جو ور ولي محمد ۽ پٽ لعل محمد لاشاري به سرگرم هئا. اڌواڌ بٽئي جي معاملي تي قادياني اسٽيٽ جي هارين ۽ ان جي سنڀاليندڙن وچ ۾ تڪرار شروع ٿي ويو هو، ڌرين ۾ ٽياڪڙي جي ڪوشش ٿي پر اسٽيٽ مينيجرن ان کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

قادياني مينيجرن جو هارين تي اهو به زور هو ته کين پنهنجي مرڪز (ربوه) مان حڪم مليو آهي ته في مڻ تي 2 ڪلو ڪڻڪ (چندو) ڏيو. سمورن هارين اهڙي مطالبي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اهو تڪرار پنهنجي جاءِ تي موجود هو. عين ان دوران 22 جون 1947ع تي ميرپورخاص ڀرسان ٿيندڙ هڪ هاري ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ جڏهن اسٽيٽ جا هاري ويل هئا ته تيار ٿيل ڪڻڪ جي ديرن/کرن جي سنڀال عورتون ۽ ٻارڙا ڪري رهيا هئا. اسٽيٽ مينيجرن کي اهو وجهه ملي ويو ۽ هنن پنهنجي هٿياربندن سان کرن تي پيل ڪڻڪ کڻڻ جو رٿيو. هٿياربند جڏهن ڪڻڪ کڻڻ لاءِ پهتا ته ٻارڙن ۽ عورتن منع ڪئي پر اسٽيٽ جي مينيجرن پنهنجي لاٺڙين ۽ هٿياربندن هٿان هارين جي عورتن ۽ ٻارن کي هيسائي ڌمڪائي ڪڻڪ کنئي. اهي جڏهن مائي بختاور جي کري (ديري) تي پهتا ته ان بهادر خاتون شديد مزاحمت ڪئي. هن واضح ڪيو ته آئون ڪڻڪ جو هڪ داڻو به کڻڻ نه ڏينديس. هڪ هٿياربند زوري ڪڻڪ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته مائي بختاور ڪڻڪ ڪٽڻ واري ڏنڊي سان ان کي ڪيرائي وڌو، همراهه جي هٿ مان بندوق به ڪري پئي، جيڪا مائي بختاور جي ڀرسان اچي پئي. انهيءَ وچ ۾ چوڌرين جي هڪ ٻئي لاٺڙئي ڪهاڙي سان وار ڪري مائي بختاور کي ڪيرائي وڌو، هو زخمي ٿي پئي، جنهن کڻي ورتي. هاڻي مائي بختاور جي هٿ ۾ آيل بندوق پڻ ڪري پئي. مائي بختاور جي سگهه اڃا جواب نه ڏنو هو. هن ٻيهر ڏنڊو کڻي رهي هئي جو اسٽيٽ جي هڪ مينيجر مائي بختاور جي پٽ کي يرغمال بڻائي ورتو. جنهن تي هو پريشان ٿي وئي، پر کن پل ۾ پاڻ سنڀالي مائي بختاور ٻيهر ڏنڊي سان وار ڪيو، جنهن تي هن پنهنجي پٽ کي آجو ڪرائي ورتو. هاڻي مائي بختاور ٽيون وار ڪرڻ واري هئي جو مٿس سڌي فائرنگ ڪئي وئي ۽ ڪجهه ئي دير ۾ هي بهادر عورت شهيد ٿي وئي. پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق مائي بختاور کي 36 ڇرا لڳا هئا.

اها خبر جهڏي ۾ هلندڙ هاري ڪانفرنس ۾ پڻ پهتي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پنهنجي ساٿين سان گڏ ڏکويل خاندان وٽ آيو ۽ ساڻن تعزيت به ڪئي ۽ همت به ڏياري. سنڌ هاري ڪميٽي جي وڪيل پنارام مک جوابدار چوڌري سعدالله کي عمر قيد جي سزا ڏياري ۽ باقي 4 جوابدارن کي ساڍا چار سال سزا ملي.

مائي بختاور جي ان شهادت هاري جدوجهد لاءِ هڪ نئين واٽ جوڙي، ڪارڪنن ۾ حوصلو وڌو ۽ اتساهه پئدا ٿيو ۽ ان کانپوءِ ڪجهه ئي سالن ۾ قادياني اسٽيٽ ختم ٿي وئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.