ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار رائو انوار جي عدالت ۾ پيشي کان ڇوٽ حاصل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
اڳوڻي سينيئر سپرنٽنڊنٽ پوليس ( ايس ايس پي) ملير رائو انوار ڪراچي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي خلاف داخل ڪيس ۾ پيشي کان ڇوٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي هئي.
رائو انوار طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سندس سر کي خطرا لاڳو آهن.
خيال رهي ته اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار ۽ ان جي ماتحت 13 حراست هيٺ ۽ 7 فرار ٿين ساٿين تي 27 سالن جي نوجوان نقيب الله سميت ٻين 3 ڄڻن جي قتل جو الزام آهي.