رمضان ۾ روز پڪوڙا کائڻ سان ڪهڙا فائدا ۽ ڪهڙا نقصان ٿيندا؟

رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ مسلمانن جي گهرن ۾ سحري ۽ انکان به وڌيڪ افطاري ۾ مختلف کاڌن جو احتمام ڪيو ويندو آهي. افطاري ۾ مختلف ميون سان گڏ سڀ کان وڌيڪ جيڪا شيءِ استعمال ٿيندي آهي اها آهي بيسڻ جي اٽي جا پڪوڙا. اها ڳالهه ٻڌي ڪنهن کي به ڪو تعجب نه ٿيو هوندو ڇو ته اهي سڀ ڪنهن جي گهر ۾ عام طور تي استعمال ٿيندا آهن.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته بيسڻ جا فائدا ۽ نقصان ڪهڙا آهن؟

اڄ اسان بيسڻ جي اٽي جي فائدن توڙي نقصانن بابت ٻڌائينداسين، پهريان شروعات ڪيون ٿا بيسڻ جي فائدن کان:

اهو اٽو فائبر ۽ خوراڪ وارين شين سان ڀرپور هوندو آهي. انکي چڻن جو اٽو به چيو ويندو آهي، اهو اٽو خاص ڪري وڻندڙ پڪوڙا تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ان اٽي جي استعمال سان ڪيترائي فائدا ٿيندا آهن اهو چمڙي کي چمڪائڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.

ان اٽي ۾ حل ٿي سگهندڙ فائبر هوندو آهي، جيڪو توهان جي دل کي نقصان پهچائي ٿو، بيسڻ جي اٽي ۾ فائبر جو مقدار ڪوليسٽرول سطح کي ڪنٽرول رکڻ سميت دل جي صحيح ڪم ڪرڻ رت جي وهڪرن کي درست ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڏيندو آهي.

بيسڻ جي اٽي ۾ گليسيمڪ انڊيڪس شگر تي ضابطو رکڻ جي لاءِ بهترين گهريلو علاج آهي.

سڻڀي کَل جي لاءِ بيسڻ جو استعمال تمام اثرائتو هوندو آهي ڇو ته جيڪي گلينڊز واڌو سڻڀ پيدا ڪندا آهن اهو اٽو انهن کي جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکندو آهي انکانسواءِ اهو چمڙي کي نرم، ملائم ۽ چمڪندڙ به بڻائي ٿو. جيڪڏهن فيس واش يا صابڻ کي استعمال ڪرڻ بدران ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا بيسڻ جي اٽي ۾ ليمي جا ڪجهه ڦڙا وجهي منهن ڌوتو وڃي ته چهرو صاف سٿرو ۽ نکريل رهندو.

اهي ته هيا بيسڻ جا فائدا هاڻي اچون ٿا ان جي نقصانن ڏي جن کان بچڻ ضروري آهي.

جيئن چڻا يا ڪي ڦريون کائڻ سان ڪيترن ئي ماڻهن کي هاضمي جا مسئلا ٿيندا آهن ائين ئي بيسڻ جو گهڻو استعمال به معدي ۾ سور، بدهضمي ۽ پيٽ جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ڇو ته بيسڻ ۾ فائبر جو مقدار گهڻو هوندو آهي ته جڏهن خوراڪ ۾ فائبر تيزي سان وڌائجي ته جسم انکي سولائي سان هضم ناهي ڪري سگهندو.

جيڪڏهن توهان جي کاڌن ۾ فائبر جو مقدار گهٽ هوندو آهي ۽ توهان گهڻي مقدار ۾ داليون ناهيو کائيندا ته بيسڻ هڪ ئي وقت گهڻو استعمال ڪرڻ بدران ٿورو ٿورو استعمال ڪرڻ گهرجي.

فائبر وارا کاڌا کائڻ دوران پاڻي جو گهڻي کان گهڻو استعمال ڪيو، اهو عمل هاضمي واري نظام ۾ سولايون پيدا ڪرڻ، پيٽ ڦنڊڻ، سور ۽ گيس جهڙي تڪليفن ۽ مسئلن کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.

انکانسواءِ بيسڻ سان ٺهيل شين ۾ جاڻ ۽ اڇي زيري جو استعمال ڪيو وڃي ڇو ته اهي ٻئي ان جي ناڪاري اثرن کي گهٽائي انکي سولائي سان هضم ڪرڻ جي قابل بڻائيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.