لاهور (م ڊ) پاڪستان سپر ليگ 8 ۾ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز دلچسپ مقابلي کانپوءِ ملتان سلطانز کي شڪست ڏئي ٽائيٽل جو بچاءُ ڪري ورتو.لاهور ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي لاهور قلندرز مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 200 رنسون ٺاهيون.عبدالله شفيق 65، ڪپتان شاهين آفريدي 44، فخر زمان 65، مرزا بيگ 30 رنسن جي اننگز کيڏي.ملتان جي اسامه مير 3، انور علي، احسان الله ۽ خوشدل شاهه هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.جواب ۾ لاهور قلندرز دلچسپ مقابلي کانپوءِ هڪ رنس تان ڪاميابي ماڻي ٽائيٽل جو ڀرپور نموني بچاءُ ڪيو. ملتان جي رائلي روسو 52، ڪپتان محمد رضوان 34، خوشدل شاهه 25، ٽم ڊيوڊ 20، عثمان خان 18، عباس آفريدي 17 رنسن جي اننگز کيڏي.لاهور قلندرز طرفان شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته راشد خان 2 ۽ ڊيوڊ ويسا هڪ وڪيٽ ورتي.