سکر ( رپورٽر ) ايس ايس پي سنگھار ملڪ پاران انتقام جو نشانو بڻايل سکر شھري اتحاد جي چيئرمين عبيدالله ڀٽو جي گرفتار ڪيل چئن پٽن فضل الرحمان ڀٽو، حفظ الرحمان، غياث الرحمان ۽ عبيدالرحمان کي سکر سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پوليس پاران سندن جسماني ريمانڊ حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت کي درخواست ڏني وئي. فضل الرحمان ڀٽو عدالت کي آگاهي ڏني ته ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جي ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ ۽ بدامنيءَ خلاف احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ھٿ ٺوڪيو فريادي بيھاري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. گرفتاريءَ کان پوءِ چئني ڀائرن تي بيرحماڻو تشدد ڪيو ويو ،. جيڪڏهن جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو ته ايس ايس پي سنگھار ملڪ اسان کي تشدد ڪرائي مارائي ڇڏيندو. جان کي خطرو آهي مھرباني ڪري پوليس حوالي نه ڪيو. اھڙي آگاھي کان پوءِ عدالت پوليس جي ريمانڊ جي درخواست کي رد ڪندي چئني ڀائرن کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي، ھوڏانھن شھري اتحاد جي چيئرمين مولانا عبيدالله ڀٽو ابن آزاد پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ايس ايس پي سنگھار ملڪ ادبي گھراڻي سان تعلق رکي ٿو .گھر جي اندر پوليس اٽالا گھڙي آيا. عورتن سان بدتميزي ڪئي وئي.