ڀارت مان آسڪر لاءِ غلط فلمون موڪليون وينديون آهن: اي آر رحمان

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ليجنڊري موسيقار ۽ گلوڪار اي آر رحمان چيو آهي ته انڊيا مان آسڪر ايوارڊ لاءِ غلط فلمون موڪليون وينديون آهن.

ٻه ڀيرا آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ گلوڪار اڪيڊمي آف موشن پڪچر آرٽس اينڊ سائنس جو ميمبر ۽ آسڪر ايوارڊ جو ريگيولر ووٽر به آهي.

ڀارتي ميڊيا کي ڏنل تازي انٽرووي ۾ اي آر رحمان چيو ته اسان جو اڪثر فلمون آسڪر لاءِ موڪليون وينديون آهن پر اهي انعام ناهن کٽي سگهنديون.

هن چيو ته آسڪر لاءِ غلط فلمون موڪليون وينديون آهن، مان بس ايترو چوندس ته ائين نه ٿيڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي فلمن کي اولهه جي نظريي سان ڏسڻ گهرجي پر اسان پنهنجي نظريي سان ڏسندا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.