ڪراچي (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي ۾ خواجا اجمير ٿاڻي جي علائقي خواجا اجمير نگري فور ڪي چورنگي ڀرسان نارٿ ڪراچي سيڪٽر ايل ون ۾شهرين ٻن مبينا ڦورن کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد زندهه ساڙي ڇڏيو.ريسڪيو ذريعن موجب شهرين مبينا ڦورن تي تشدد ڪيو ۽ پوءِ کين زندهه ساڙي ڇڏيو،م جنهن جي نتيجي ۾ٻنهي ڄڻن جو موت واقع ٿيو، لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.ايس ايس پي سينٽرل معروف عثمان جو چوڻ هو ته سرجاڻي واري علائقي ۾ ٻن جوابدارن پئٽرول پمپ تان ڦر جي ڪوشش ڪئي، پمپ تي موجود ماڻهن ٻنهي جوابدارن کي پڪڙي تشدد ڪيو ۽ کين باهه ڏئي ڇڏي. جوابدارن جي قبضي مان هڪ پستول ۽ ٻه موبائل فون هٿ ڪيا ويا.ايس ايس پي چيو ته اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.شھرين ٻن ڦورن کي ماري قانون ھٿ ۾ کنيو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.