خيرپور ڀرسان مسافر ڪوچ ڪلٽي، 3 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي

خيرپور(ڊ ر) ايڪنامڪ ٿاڻي جي حد خيرپور لڳ قومي شاهراه باءِپاس تي ڪراچي کان لاهور ويندڙ مسافر ڪوچ ڪلٽي 3 عورتن سميت 10 ڄڻا  زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ڀرسان قومي شاھراهه شاھ حسين باءِ پاس وٽ ڪراچي کان لاهور ويندڙ مسافر ڪوچ بھ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي، ٽن عورتن سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ شازيا،  عليزه، روزينا غلام سرور  مدثر ، رضوان  رحيم  ۽ ٻيا شامل آهن،  زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، جڏهن  ته هڪ عورت جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.