سياسي ڌريون بلوغت جو مظاھرو ڪندي،چونڊن لاءِ سڌارا آڻين

چيني ٻولي جي ھڪ چوڻي آھي تھ جيڪو مسڪرائي نٿو سگھي سو دڪان نھ کولي، اھڙي طرح جنھن ۾ بھ سھپ جو مادو نھ ھجي تنھن کي سياست واري ميدان کان پر رھڻ گھرجي.گذريل ڪافي وقت کان ملڪ جي مجموعي سياست تي سوين اڀرندا رھندا آھن،ان جي ڪيترائي سبب آھن، پر اھو لازمي ياد رکڻ گھرجي تھ راند جي ميدان ۾ ڪا ھڪ ئي ٽيم سوڀاري ٿيندي آھي، جنھن جو لازمي مطلب ٻي ٽيم جو ھارائڻ ھوندو آھي، ھا اھو ممڪن آھي تھ ان کان اڳ راند جا قاعدا ۽ قانون جوڙيا وڃن ۽ انھن تي عمل جي لاءِ ريفري پڻ گڏيل راءِ سان مقرر ٿيڻ گھرجي، باقي ھارائڻ بعد اجايو رڙيون ڪرڻ جو مطلب راند ڦٽائڻ ئي ھوندو آھي.

ڪجھھ سياسي ڌريون بنا ڪنھن جواز جي سياست جي سموري ميدان تي ھل ھنگامو ۽ گوڙ فساد ڪرڻ  چاھين ٿيون جنھن سان سموري سماج تي منفي اثر پئجي رھيا آھن، ان سان نھ تھ راند کي اڳتي وڌائي سگھجي ٿو نھ ئي صحتمند روين جي آبياري ٿي سگھي ٿي.

ھي جيڪو ٻن ٽين چونڊن کان ماحول جوڙيو ويو آھي ۽ جنھن سياسي ڪلچر کي ھٿي ڏني پئي وڃي ان سان اجايو صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان وڌي رھيو آھي،بدقسمتي سان ملڪ ۾ جيڪي بھ سياسي پارٽيون آھن انھن جي اندر جمھوريت جون راويتون ختم ٿي رھيون آھن، گھٽ ۾ گھٽ انھن کي پنھنجين پارٽين جي اندر جمھوريت جي نظام کي بھتر ڪرڻ گھرجي ۽ انھن پارٽين تي اھو پن فرض ٿو عائد ٿئي تھ اھي پنھنجي ڪارڪنن جي اندر اھڙن ھاڪاري روين کي پيدا ڪن ۽ انھن کي سھپ پڻ سيکارين.

جيڪڏھن بنا ڪنھن جوڳي سبب جي سڀئي ھڪ ٻئي جي مٿان اجائي تنقيد جا تير وسائڻ شروع ڪندا تھ رھندو جيڪو سسٽم آھي اھو بھ ويڙھجڻ شروع ٿي ويندو.ھن وقت جڏھن پنجاب ۾ نگران وڏو وزير مقرر ٿيو آھي تھ ان کي تڪراري بڻايو پيو وڃي، ان جي لاءِ اھو اختيار جڏھن اليڪشن ڪميشن کي آھي تھ پوءِ ان کي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، ان کان اڳ جڏھن ڌرين جو سامھون آيل نالن تي اتفاق نھ ٿيو تڏھن لاڳاپيل اداري کي اھڙو قدم کڻڻو پيو.ھاڻي جيڪو ڪجھھ آئين ۾ لکيل آھي ان جي ابتڙ واري ھاءِ گھوڙا شروع ٿي وئي آھي. جنھن جو مطلب تڪرارن کي ھوا ڏيڻ آھي،ان جو منفي اثر ئي پوندو.

موجوده اليڪشن ڪميشن جي پهرين وڏي امتحان ۾ هاڻي 90 ڏينهن کان به گهٽ وقت بچيو آهي، حقيقت ۾ اهو سڄي قوم جو امتحان هوندو. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ سان گڏ نين اسيمبلين جي چونڊ لاءِ آئيني تقاضا پورا ڪرڻ لاءِ  ڏينھن جي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي.

ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊن جو تڪرار ايندڙ عام چونڊن جي بلڪل ويجهو اچي ويو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي صحيح ۽ موثر انداز ۾ نه نبيريو  ويو ته اهو موجوده اليڪشن ڪميشن جي ساک کي خراب ڪري سگهي ٿو.

گذريل چونڊن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن نئون چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ 4 ميمبر مقرر ڪري پنهنجي ساک بحال ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٺوس قدم کنيا آهن.فيبروري 2021 جي ڊسڪا جي ضمني چونڊ کي ڪالعدم، تازو ئي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي سڀ کان وڌيڪ مذموم ڪوشش ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان لاءِ سول انتظاميه جي اعليٰ آفيسرن کي ذميوار قرار ڏيڻ، ٻيهر چونڊون ڪرائڻ، ڪيس جي عدالت کان منظوري وٺڻ، جنهن ۾ پڻ. اليڪشن ڪميشن پاران چونڊ ڌانڌلي جي جاچ جي تصديق اليڪشن ڪميشن جون سڀ تاريخي ڪاميابيون آهن جن کي ساراهڻ جي ضرورت آهي.

پي ٽي آءِ جي منع ٿيل فنڊنگ ڪيس ۾ اها به وڏي ڪاميابي هئي ته اڳوڻي اليڪشن ڪميشن 8 سالن جي دير کانپوءِ تحقيقي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ڏني. اليڪشن ڪميشن جولاءِ 2022 ۾ پنجاب اسيمبلي جي 20 تڪن تي ضمني چونڊون ڪاميابي سان ڪرايون. ان دوران اليڪشن ڪميشن کي انتهائي گرم ماحول ۾ دٻاءُ جو منهن ڏسڻو پيو.  ڇاڪاڻ ته اڪثر نتيجا مسلم ليگ (ن) جي خلاف آيا جڏهن ته ان وقت مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪمران جماعت مسلم ليگ (ن) جي هئي. ان سان ئي اليڪشن ڪميشن جي ساک وڌي.

ساڳئي وقت بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون صوبائي حڪومتن جي ڪوششن ۽ ملتوي ٿيڻ باوجود ڪامياب ڪرائڻ به ڪميشن جي ڪاميابي آهي.سياسي ڀڃ ڊاھ ۽ وڏي سياسي پارٽين مان هڪ پي ٽي آءِ پاران اليڪشن ڪميشن تي سخت پر غير ضروري تنقيد سبب عام چونڊن جو انعقاد هڪ وڏو چئلينج هوندو.

پولنگ اسٽاف، جنهن ۾ اڪثريت صوبائي حڪومتن جي ملازمن جي هوندي آهي، سياسي ماليات جو محتاط ضابطو، تازو ئي ٽوڙيل صوبائي حڪومتن جي غير سياسي اثر رسوخ کان چونڊن کي بچائڻ، هڪ يا ٻي پارٽي طرفان اشتعال ڏيارڻ باوجود، غير جانبدارانه رويو برقرار رکڻ، سنڌ جي ضمني چونڊن دوران اٿاريل اعتراضن کي فوري طور تي حل ڪرڻ ۽ عوام سان رابطي کي بهتر بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جا اهم چئلينج آهن.نه رڳو اليڪشن ڪميشن پر سمورن اسٽيڪ هولڊرز سميت سياسي ۽ نگران حڪومتون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي ان سان ئي ايندڙ چونڊون اعتبار جوڳيون ٿي سگھن ٿيون.

ان ڪري ھن وقت موجودھ سرڪار ۽ اپوزيشن تي اھا گھڻي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي تھ اھي اھڙا چونڊ سڌارا ڪن جيڪي سڀني جي لاءِ قبوليت جوڳا ھجن، اھو ئي اھم ڪم آھي، جنھن لاءِ ھاڻي ھدف مقرر ڪري اھو اڪلائڻ گھرجي.سياسي عقلمندي بھ اھا ئي ھوندي تھ ھن وقت جيڪي بھ اعتراض آھن انھن تي ويھي ويچاري اھي ختم ڪيا وڃن، انھن جي لاءِ قانون جوڙيو وڃي، اھو غلط آھي تھ صرف اھو انتظار ڪجي تھ ڪو غلطي ڪري تھ وري اسان ڌڪو کڻي ان جي پويان لڳي پئون،سمورن اسٽيڪ ھولڊرن جو اھو فرض آھي تھ ڪي بھ اھڙا جھول نھ ڇڏجن جن تي وري سوال اڀرن جنھن سان وري اختلاف وڌن.

سياسي ڌرين کي بلوغت جو مظاھرو ڪندي،امڪاني طور تي اختلافن جي سبب بڻجندڙ سمورن معاملن کي ھاڻي ئي نبيرڻ گھرجي ته جيئن بعد ۾ ڪو ان تي آڱر نھ کڻي سگھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.