چين پاران سمنڊ هيٺ موجود نظام جي سائنسي تحقيقات لاءِ نوان در کولي ڇڏيا

بيجنگ (اي پي پي) چين جي سمنڊ جي نهايت گهري هنڌ طرف روانو ڪئي وئي مهم ”ايڪسپلورر نمبر 1“آچر ڏينهن شاندار ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. چيني ميڊيا مطابق سائنسي تحقيق لاءِ موڪليل بحري جهاز کان ڏکڻ اوڀر بحرهند ۾ سمنڊ جي گهري حصي امنڊينا ٽرينچ تائين انسان بردار آبدوز”يي“ کي پهچايو ويو آهي. ان گهري هنڌ تي ڊيپ ڊائيونگ آپريشن مڪمل ڪرڻ بعد آبدوز يي کي ڪاميابي سان واپس به اچي ويو. رپورٽ مطابق انساني تاريخ جو اهو پهرين موقع آهي جڏهن انسان سمنڊ جي سڀ کان گهري هنڌ تائين پهتو آهي. ان ڪامياب مهم سمنڊ جي هيٺ موجود نظام جي سائنسي تحقيقات لاءِ نوان در کولي ڇڏيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.