ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائيندي (ن) ليگ جو ڏيوالو نڪري ويو !

لاهور (ويب ڊيسڪ ) اتحادي حڪومت اچڻ ۽ شهباز شريف جي وزيراعظم  ٿيڻ کانپوءِ نواز شريف جو خيال هو ته فوري طور نيون چونڊون ڪرايون وڃن. پر اتحادين خاص طور آصف علي زرداري جي دٻاءُ ۾ اچي نواز شريف پنهنجي موقف تان پٺتي هٽي ويو ۽ معيشت کي سنڀالڻ لاءِ فوري طور اسحاق ڊار کي  پاڪستان اماڻيو پر اڃان تائين معاشي صورتحال ۾ ڪا بهتري  نه اچي سگهي آهي.

 پي ڊي ايم جي ٻين اتحادي پارٽين جي مقابلي ۾ (ن)  وڏي سياسي قيمت ادا ڪري رهي آهي. جنهن صورتحال نواز شريف کي انتهائي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽  پارٽيءَ کي بچائڻ لاءِ  جيڪي فيصلا ڪري رهيو آهي ان جا نتيجا به ابتا ظاهر ٿي رهيا آهن.

مريم نواز کي پارٽيءَ  جو سينئير نائب صدر ڪرڻ ۽  ان سلسلي ۾ اڳ موجود سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسيءَ کي نه اطلاع ڏيڻ ۽ نه اعتماد ۾ وٺڻ ساڳي طرح پارٽيءَ جو چيف آرگنائيزر به مريم نواز کي مقرر ڪرڻ ۽ سينيئر اڳواڻن کي اعتماد ۾ نه وٺڻ  مفتاح اسماعيل کي ناڻي وزارت تان اعتماد ۾ وٺڻ بنا هٽائڻ  بعد (ن) ليگ اندروني ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ شاهد خاقان عباسي سميت اهم سينيئر اڳواڻ ٻي واهه نه ڏسي غير سرگرم۽ خاموش ٿي ويا آهن.

سعد رفيق جهري اهم ۽ سرگرم اڳواڻ به خاموشي ٽوڙي موروثي سياست تي تنقيد ڪري اختلاف هجڻ جو اشارو ڏنو. ساڳي طرح مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن صفدر کي يوٿ ونگ جو عهدو  ڏيڻ تي به پارٽي اڳواڻن خاموشي سان حيرت جو اظهار ڪيو آهي.

صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته حيرت ۾ و جهندڙ ڳالهه اها آهي ته پارٽي جو صدر وزيراعظم شهباز شريف آهي پر لنڊن ۾ تازو جيڪي به اجلاس ٿيا آهن. جن ۾ پارٽي معاملن توڙي حڪومتي پاليسين تي غور ٿيو آهي. انهن ۾ شهباز شريف کي نه پارٽي صدر جي حيثيت ۾ نه ئي وزيراعظم  جي حيثيت ۾ طلب ڪري شامل ڪيو ويو اهي نه ئي فيصلن ڪرڻ وقت وڊيو لنڪ ذريعي ساڻس صلاح مشورو ڪيو ويو آهي.

(ن)  ليگ جي اها صورتحال اهڙي آهي جو چئي سگهجي ٿو ته ملڪ کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ جي جدوجهد ڪندي (ن) ليگ ڏيوالو ٿيڻ طرف وڌي رهي آهي.

(ن) کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هاڻي  هڪ ئي رستو نظر اچي ٿو. اهو آهي ته نواز شريف جلد وطن اچي سمورن پارٽي اڳواڻن ۽ سرگرم سينيئر ڪارڪنن سان گڏجاڻيون ڪري زميني حقيقتن کي نظر ۾رکي پارٽي فيصلا ڪري ٻي صورت ۾(ن) ليگ جو مستقبل اونداهو ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

ٻئي طرف پ پ، جي يو آءِ ۽ ٻيا اتحادي بظاهر حڪومتي فيصلن کان لاتعلق بڻيل آهن ۽ پنهنجين پارٽين کي منظم ڪري رهيا آهن، سياسي مڻظر نامي ۾صرف (ن) ليگ وڏي سياسي قميت ادا ڪري رهي آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ڇنڇر 23-01-21 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.