کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) ملير ڀاون شاھ موڙ ڀرسان گلشن آمنه جي رهواسي اورنگزيب خان جي گھر ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن سبب سڄو علائقو لڏي ويو ۽ گهر جو هڪ حصو ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ٻارن ۽ عورتن سميت پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا مليرسٽي پوليس ۽ رينجرز ڌماڪي واري ھنڌ پھچي ويا امدادي ڪاروائي شروع ڪندي زخمين کي جناح اسپتال نيو ويو. ڌماڪي سان گھر جي ۾ وڏو سوراخ ٿي ويو. جنھن سبب سڄو گھر ڪرڻ جو خطرو. پيدا ٿي ويو آھي ڌماڪي سبب زخمي ٿيندڙن ۾ اورنگزيب ولد نامعلوم عمر 50سال،پير محمد ولد غلام نبي عمر 22سال،شاهينا زال اورنگزيب عمر 40سال ثانيا ڌي اورنگزيب شامل.