ڪولاب جيئل ڀرسان ويگن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هيڊماستر فوت

ڪولاب جيئل (ن ع آ) ڪولاب جيئل لڳ خيرپور لاڙڪاڻو روڊ حنيف شاھ چوڪ وٽ ويگن جو موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر جنھن جي نتيجي ۾ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر استاد غلام محمد ميمڻ فوت ٿي ويو ان ڏس ۾ فوتي استاد جي وارثن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽنڊو مستي لڳ پير حاجي اسماعيل شاھ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر استاد غلام محمد ميمڻ لاڙڪاڻو خيرپور روڊ تي حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو .فوتي استاد جو مڙهه جڏهن وارث سندس اباڻي ڳوٺ کڻائي پهتا ته گھرن اندر قهرام مچي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.