ٽندو محمد خان ۾ پولنگ دوران جهيڙا، حمايتي هٿين پئجي ويا، احتجاج

ٽنڊومحمدخان(رپورٽ اويس حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان ۾ مڪاني چونڊ جي دوران مختلف علائقي جي اندر پولنگ اسٽيشن تي اميدوارن جا حمايتي هڪٻئي جي هٿين پئجي ويا ، شوگر ملز پولنگ اسٽيشن تي ٻن ڌرين ۾  سخت ڪشيدگي جي بعد جهيڙو ٿي پيو ، جنهن ۾ لتن مڪن جو وسڪارو ڪيوويو ، پوليس ۽ فورسز پهچڻ کانپوءِ جهيڙو ختم ٿي ويو ، بلڙي شاھ ڪريم جي پولنگ اسٽيشن غلام حسين مڱڻهار ۾ 2 ڪلاڪ جهيڙي سبب پولنگ اسٽيشن بند ٿي ويئي ، ايس ايس پي غلام نبي ڪيريو پولنگ اسٽيشن تي پنهنجي فورس سان گڏ پهچي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرائي پولنگ ٻيهر شروع ڪرائي ڇڏي ، بختاور ڪالوني جي پولنگ اسٽيشنن تي ڇڪتاڻ کانپوءِ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ملاڪاتيار روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ، جنهن ۾ قومپرست پارٽي جي اقبال حاجاڻو ۽ ٻين الزام لڳايو ته پولنگ اسٽيشن تي ڌانڌلي ڪري سرڪاري مشينري ذريعي حڪومتي پارٽي جي اميدوار کي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ، جنهن ۾ قومپرست پارٽي جو اميدوار غيرسرڪاري نتيجي طور ڪامياب ٿي ويو آهي ، پوليس پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو ، ڳوٺ پاٽار ۾ پولنگ اسٽيشن ٻاهران جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس فورس پهچي جهيڙي کي ٽاڙي ڇڏيو ، حيدرآباد بدين روڊ تي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو ، علائقي جي اندر مختلف يونين ڪائونسلن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڪري ووٽرن ۾ خوف حراس ڇانيل رهيو پر ڪو به وڏو ڪو حادثو پيش نه آيو ، جڏهن ته ووٽرن جو تعداد گهٽ رهيو ۽ ڪاسٽنگ سخت متاثر رهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.