ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم پاران بيلٽ باڪسز جون سيلون ٽوڙڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته يوسي 2 ميونسپل ڪميٽي جناح ۾ بيلٽ باڪس جو سيلون ٽوڙيون ويون جنهن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن ايم پي اي فردوس شميم نقوي کي پولنگ اسٽيشن مان بيدخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اِها غيرقانوني حرڪت ۽ چونڊ ظابطن جي ڀڃڪڙي آهي.
ٻئي پاسي صوبائي اليڪشن ڪمشنر ڊي آر او ايسٽ کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فردوس شميم پولنگ اسٽيشن ۾ بيلٽ باڪس جي سيل ٽوڙي، اِهو عمل چونڊ ظابطن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
فردوس شميم سميت اڻ واڳيل سمورن ماڻهن کي پولنگ اسٽيشنز مان ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ويو.