آزادي مارچ جي تاريخ تبديل، عمران ڌرڻي وارن لاءِ برياني تيار ڪري: بلاول

ڪراچي(رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿيڻ گهرجي، ملڪ ۾ سياسي آزادي ناهي، فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۾ سنڌ سرڪار سهڪار ڪندي، ڪور ڪميٽي اجلاس بعد ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪار ساز سانحي جي ياد ۾ 18 آڪٽوبر تي جلسو منعقد ڪيو ويندو، هن مهيني جي آخرتائين منهنجو سنڌ جو دورو مڪمل ٿي ويندو، ايندڙ مهيني پنجاب ۾ انٽري ڏينداسين، آزادي مارچ جي شيڊول کان اڃا آگاهه ناهي ڪيو ويو، مولانا فضل الرحمان جي مارچ جي مڪمل حمايت ۽ سپورٽ ڪريون ٿا،مارچ جي آجيان ڪنداسين،  عوامي مسئلن جي حل لاءِ سمورين پارٽين کي گڏ کڻي هلنداسين، هن چيو ته حڪومتي پاليسين خلاف واپاري ۽ ڊاڪٽر ڌرڻا هڻي رهيا آهن، نااهل حڪومت معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، اسان معاشي انصاف ۽ جمهوريت جي بقا چاهيون ٿا، پورو پاڪستان ڏسندو ته عوام پ پ سان گڏ آهي، هن چيو ته پ پ چاهي ٿي ته مولانا فضل الرحمان کي احتجاج جو حق ملي، عوام جو آواز دٻائي نٿو سگهي، فضل الرحمان سان گڏ دنيا ايندي، عمران خان کي برياني تيار ڪرڻ گهرجي، عوام رڙيون ڪري رهيو آهي ته هي حڪومت گهر وڃڻ گهرجي، مان ڌرڻي واري سياست جو قائل ناهيان، هن چيو ته حڪومت پارليامينٽ جا دروازا بند ڪندي ته اسان وٽ به احتجاج جوآپشن آهي، فصل الرحمان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته جيئڻو هوندو مرڻو هوندو، ڌرڻو هوندو، اسان کي ڌرڻي واري سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته بجلي گئس سميت هر شئي مهانگي ڪئي وئي آهي، عام ماڻهو مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي ويو آهي، جمهوري حقن لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين، نااهل حڪومت ۾ عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي اهليت ئي ناهي، هن چيو ته حڪومت آپشن محدود ڪري رهي آهي ،جڏهن ڪو آپشن نه هوندو ته اڄ مولانا احتجاج جو اعلان ڪيو سڀاڻي اسان به ڪري سگهون ٿا.

اسلام آباد( بيورو+م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آزادي مارچ 27 آڪٽوبر تي شروع ٿيندو ۽ اسان اسلام آباد ۾ 31 آڪٽوبر تي داخل ٿينداسين، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سڄي ملڪ مان قافلا هڪ ئي وقت اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا، 31 آڪٽوبر کان اڳ ڪو به جلوس اسلام آباد ۾ داخل نه ٿيندو، 27 آڪٽوبر تي جلوس ڪشمرين سان ايڪتا جي اظهار لاءِ ڪڍيا ويندا، ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي هدايت ڪئي ته آزادي مارچ جي انتظامن کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي، ڪارڪن ڪنهن به منفي پروپيگنڊا جو حصو نه بڻجن، هوڏانهن حڪومت طرفان آزادي مارچ کي بيڪ ڊور ڊپلوميسي ذريعي روڪڻ جي ڪوشش جاري آهي، مارچ جي نگراني لاءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار خاص ڪميٽي به جوڙي ڇڏي ۽ مولانا فضل الرحمان سان آزادي مارچ روڪڻ لاءِ رابطا شروع ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر سميت اهم اڳواڻ بيڪ ڊور رابطن لاءِ سرگرم آهن، بيڪ ڊور ڊپلوميسي جي ناڪامي جي صورت ۾ پنجاب ۾ ڪٿي ڪٿي مارچ روڪيو ويندو، ان حوالي سان وزيراعليٰ پنجاب صوبائي وزير بشارت راجا جي سربراهي ۾ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، ڪميٽي کي پنجاب ۾ جي يو آءِ ف ۽ نواز ليگ جي سرگرم ڪارڪنن جون لسٽون تيار ڪرڻ جا حڪم به ڏنا ويا آهن، وفاقي گهرو وزارت فضل الرحمان جي حمايتي مدرسن جا تفصيل به گهرائي ورتا آهن، هوڏانهن جي يو آءِ آزادي مارچ لاءِ اسلام آباد انتظاميا کي درخواست ڏئي ڇڏي، بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته اسان کي اتنظاميا پاران اين او سي جي ضرورت ناهي، رڳو اطلاع ڏيون ٿا، جيڪڏهن ڪنهن اداري ڪنهن کي سپورٽ ڪيو ته پنهنجي ساک جو نقصان ڪندا، اسان جي جنگ ادارن سان نه بلڪه سليڪٽڊ حڪومت سان آهي، جيڪا اسان کٽينداسين، هن چيو ته اسان آزادي مارچ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا، ڊي چوڪ ۾ اسپيڪر، اسٽيج، باٿ روم ۽ بجلي جو بندوبست ڪري رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.