معصوم ٻارڙن جو قتل، ذميوار ڪير.؟؟

امتياز چانڊيو

سياسي، سماجي طور تي شعور رکندڙ شهر حيدرآباد جي ماڻهن کي آخر ڇا ٿي ويو.؟؟ ڇا هن شهر ۾ هاڻي معصوم ٻچا به محفوظ ناهن رهيا.!! اهو سوال سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن تي بار بار پيو ڦري، مون کي به حيرانگي آهي ته جنهن شهر کي ادب، اخلاق ۽ علم جي نرسري چيو ويندو آهي، ان شهر کي آخر ڪنهن جي نظر لڳي وئي، جو ماضيءَ ۾ دشمني پاڙڻ ۽ ڀنگ لاءِ اغوا وارا واقعا ته ٻڌندا هئاسين، پر هاڻ هن شهر ۾ جنسي حوس لاءِ معصوم ٻارڙن جي اغوا جا واقعا به ٻڌڻ ۾ پيا اچن، معصوم ٻارڙا اغوا ٿين ٿا، کين حوس جو نشانو بنائڻ بعد وحشي پاڻ کي بچائڻ لاءِ معصوم ٻارڙن کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ٿا ڇڏين.

حيدرآباد جي علائقي جي او آر ڪالوني ۾ هڪ اهڙو هيان ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، جنهن انسانيت کي لڄائي ڇڏيو، ٻه معصوم ڀيڻ رخسانا عرف رقي سيال ۽ سندس ڀاءُ قادر بخش سيال پاڙي مان برف وٺڻ لاءِ گهران نڪتا ته هڪ مرغي کپائيندڙ شخص جيڪو هن وقت پوليس جي حراست ۾ آهي، ٻنهي ڀيڻ، ڀاءُ کي ورغلائي لطيف آباد نمبر 10 جي بسم الله ڪالوني واري علائقي ۾ وٺي ويو، جتي قادر بخش سيال مزاحمت ڪئي ته کيس خنجرن جا وار ڪري زخمي ڪري روڊ تي ڦٽو ڪيو ويو ۽ معصوم 9 سالن جي نياڻي رخسانه کي هڪ نئين تعمير ٿيندڙ گهر ۾ بند ڪري کيس حوس جو نشانو بنايو ويو ۽ بعد ۾ کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري سندس لاش ان ئي گهر ۾ دفن ڪيو ويو. قادر بخش کي زخمي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو، جتي هن جوابدارن جا نالا کنيا ۽ رڙيون ڪندو رهيو ته سندس ڀيڻ کي بچايو، هوءَ معصوم آهي، کيس نقصان پهچايو ويندو، افسوس ته قادر بخش زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جوابدارن جي نشاندهي تي معصوم نياڻي جو لاش زمين مان ڪڍي اسپتال پهچايو ويو.

هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهڙن واقعن جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي، ڇا ماڻهن مان سزا ملڻ وارو خوف ختم ٿي ويو آهي، ڇا انتظاميا جي رٽ ڪمزور ٿي وئي آهي يا ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته پوليس ڇا ڪندي.؟؟ ۽ واقعي ڇا پوليس ڪمزور ٿيندي پئي وڃي، جو ماڻهو بي خوف ٿي اهڙي عمل تي لهي آيا آهن، ٻئي معصوم ته وحشين جي ورچڙهي زندگي جي خوشين وارا خواب کڻي هميشه لاءِ وڃي موت جي ننڊ سمهي رهيا آهن، پر ڏسڻو اهو آهي ته ٻنهي معصومن جي موت سان ڪيترو انصاف ٿي سگهندو.

سول اسپتال حيدرآباد ۾ جڏهن معصوم قادر بخش کي تڙپندو آندو ويو، ان وقت سندس والدين به اتي پهتا، رت ۾ ريٽو معصوم قادر بخش ته زندگي ۽ موت سان جنگ وڙهي رهيو هو، پر سندس امڙ اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري بار بار وڃي پئي زمين تي ڪري ۽ بيهوش ٿي پٽ سان گڏ پئي تڙپي، ان منظر کي ڏسي اسپتال ۾ موجود سمورا ماڻهو اوڇگارون ڏئي پئي رنا ۽ ماڻهن جو پئي جيءُ جهريو.

مون سوچيو پئي ته خدا ڪنهن کي اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري، معصوم ٻچڙن جو بيرحماڻو اهڙو موت سندن والدين کي ڪيئن جيئڻ ڏيندو، اڃا قادر بخش جو تڏو ئي نه کڄيو ته ٻن ڏينهن کان پوءِ سندس معصوم ڀيڻ جو تڏو وڇائجي ويو، سڄو علائقي سوڳوار بڻيل آهي، ماڻهن پنهنجا ڪاروبار بند ڪري ڇڏيا آهن، معصوم نياڻي رخسانه عرف رقي سيال جو لاش رکي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ۽ وارث انصاف جون اپيلون ڪندا رهيا. معصوم ٻارڙن جي وارثن جو چوڻ هو ته پوليس پاران بروقت ڪارروائي نه ڪرڻ سبب ٻه جانيون ضايع ٿي ويون، زخمي حالت ۾ مليل قادر بخش جو به بروقت علاج نه ڪرايو ويو، جيڪڏهن پوليس چاهي ها ته قادر بخش جي جان بچي سگهي ها، فوت ٿي وڃڻ کانپوءِ به حيدرآباد پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو، واقعي ۾ ملوث جوابدار کي پوليس گرفتار ته ڪري ورتو آهي، پر جيڪڏهن پوليس ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي قتل ڪيس کي روايتي انداز ۾ ورتو ته ڪيس لڙهي ويندو.

هاڻ ته انهن ٻارڙن جيڪي اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، انهن جي والدين کي به ڳڻتي اچي ورايو آهي، ڇو ته ٻارڙن کي اغوا بعد جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ وارا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن، پوليس جي ناڪامي جي ڪري معصوم ٻارڙا محفوظ ناهن رهيا، تنهن ڪري ئي اهڙا انتهائي ڏکوئيندڙ واقعا پيش اچي رهيا آهن، اهڙي خوف سبب ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيندي، ماڻهو پنهنجن ٻارڙن کي اسڪول موڪلڻ کان به هاڻ خوف کائي رهيا آهن، اهڙا واقعا ٿيڻ جو مطلب اهو آهي ته لاقانونيت وڌي وئي آهي، پوليس ناڪام ٿي وئي آهي، ملوث ماڻهن کي سزا نه ملڻ ڪري ٻيا واقعا پيش اچي رهيا آهن، حڪمران، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪري معصوم ٻارڙن سان پيش ايندڙ واقعن کي روڪرائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجي ته جيئن ائين نه ٿئي ته والدين پنهنجن معصوم ٻارڙن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ بند ڪري ڇڏين ۽ مستقبل جا معمار معصوم ٻارڙا گهرن ۾ بند ٿي وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.