ٽڪ ٽاڪ ڪوڪ اسٽوڊيو جو آفيشل پارٽنر بڻجي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) شارٽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ ميوزيڪل پروگرام ڪوڪ اسٽوڊيو جي سيزن 15 جو آفيشل پارٽنر بڻجي ويو آهي.
ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 15 جي شروعات 14 اپريل تي ٿي، هاڻي تائين سيزن جا 2 گانا ريليز ٿي چڪا آهن.
ٽڪ ٽاڪ ڪوڪ اسٽوڊيو جي آفيشل پارٽنر ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، پليٽ فارم اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻنهي ڀائيواري سان سوشل ميڊيا جي واهپيدارن کي فائدو ٿيندو.
ڪمپني جي بيان موجب ٽڪ ٽاڪ ذريعي ڪوڪ اسٽوڊيو 15 سيزن جي گانن کي واهپيدارن سان گڏوگڏ موسيقي، لائف اسٽائل ۽ تفريحي مواد جي نئين سري ترتيب ڏيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.