ٻارهين ڪرڪيٽ عالمي ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ جو ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

مانچسٽر ( ويب ڊيسڪ )  آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ اڄ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ورلڊ ڪپ سيمي فائنل جو پهريون مرحلو اڄ اولڊ ٽريفورڊ  گرائونڊ ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندو جنهن جي فاتح ٽيم فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪندي.

ڀارتي ٽيم هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، ليگ اسپنر ڪلديپ ياديو جي جاءِ تي رويندر جديجا کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪيوي ٽيم ۾ فاسٽ لوڪي فرگوسن جي واپسي ٿي آهي کيس سينيئر فاسٽ ٽم سائوٿي تي ترجيح ڏني وئي آهي.

عالمي ڪپ 2019ع جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڀارتي ٽيم روهت شرما، لوڪيش راهول، ورات ڪوهلي ( ڪپتان ) رشڀ پنت، ايم ايس ڌوني ( وڪيٽ ڪيپر ) دنيش ڪارٿڪ، هاردڪ پانڊيا،  ڀونيشور ڪمار، چاهل، جسپريت بمرا ۽ رويندرا جديجا تي ٻڌل آهي.

نيوزيلينڊ ۾ مارٽن گپٽل، هينري نڪولس، ڪين وليمسن( ڪپتان )، روز ٽيلر، ٽام ليٿم،  جيمز نيشام، ڪولن ڊي گرينڊ هوم، مچل سينٽنر، لوڪي فرگوسن، ميٽ هينري ۽ ٽرينٽ بولٽ شامل آهن .

واضح رهي ته ڀارت ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ رائونڊ ميچ برسات سبب رد ٿي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.