ساون مرچن جو قيمو

شيون:

قيمو: اڌ ڪلو

ٽماٽا: هڪ پاءُ

لوڻ: ذائقي جيترو

ٿوم: چانهه جو هڪ چمچو

پيٺل ڌاڻا: چانهه جو هڪ چمچو

گرم مصالحو: چانهه جو هڪ چمچو

ساوا مرچ: هڪ پاءُ

بصر: هڪ عدد

ادرڪ: چانهه جو هڪ چمچو

ڳاڙها مرچ: چانهه جو هڪ چمچو

زيرا پائوڊر: چانهه جو هڪ چمچو

هيڊ: چانهه جي چمچي جو چوٿون حصو

طريقو :

تيل گرم ڪري ان ۾ چاپ ٿيل بصر، ادرڪ، ٿوم ۽ قيمو وجهي ڀڃي وٺو، جڏهن قيمي جو پاڻي خشڪ ٿي وڃي ته لوڻ، ڳاڙها مرچ، هيڊ، ڌاڻا، زيرو ۽ ٽماٽا شامل ڪيو. ان کان پوءِ ٿورو پاڻي وجهي پچايو، جڏهن قيمو ڳري وڃي ته ان ۾ پيٺل گرم مصالحو گڏايو. ساوا مرچ هڪ هڪ انچ جا ٽڪر ڪاٽيو يا چيريو. تيل گرم ڪري ساوا مرچ فرائي ڪيو، جڏهن قيمو ڀڃي وڃي ته تَريل مرچ گڏائي دَمَ تي رکو. آخر ۾ ساوا مرچ گڏايو. اوهان جو ساون مرچن جو قيمو تيار آهي.

You might also like