ماهرا خان عيد جي موقعي تي مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان مداحن کي عيد جو تحفو ڏئي ڇڏيو، هن پنهنجي ايندڙ فلم جو موشن پوسٽر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو آهي.

من موهڻي اداڪارا ماهرا خان پنهنجي نئين فلم ”سپر اسٽار“ جو موشن پوسٽر انسٽا گرام تي شيئر ڪيو، جنهن ۾ هوءَ ۽ ساڻس گڏ  مک ڪردار نڀائيندڙ بلال اشرف کي ڏسي سگهجي ٿو.

هونئن ته موشن پوسٽر انتهائي خوبصورت آهي پر ان کي پهرين نظر سان ڏسندي ئي ائين محسوس ٿئي ٿو ته هي ڪو انگريزي رومانوي ناول جو ٽائيثل پيج آهي.

موشن پوسٽر ۾ فلم ۾ شامل هڪ گيت جون ڪجهه لائنون آهن، جنهن کي مشهور ڳائڻي عاطف اسلم ڳايو آهي.

فلم جو پوسٽر شيئر ڪندي ماهرا خان لکيو ته فلمن جي پنهنجي منزل هوندي آهي، هي منهنجي دل جو لڪايل حصو آهي، جنهن کي مان سڀني لاءِ پيش پئي ڪيان.

فلم ”سپر اسٽار“ ۾ ماهرا خان (نوري) نالي ڇوڪريءَ جو ڪردار نڀائيندي، جڏهن ته بلال اشرف (سمير) نالي ڇوڪري جي جي ڪردار ۾ نظر ايندو، اها  فلم هلندڙ سال عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like