لاچاري ۽ بيوسي خدا ڪنهن کي نه ڏئي.!!

لچوندا آهن ته لاچاري ۽ بيوسي رب پاڪ ڪنهن کي نه ڏئي، جيڪي خاندان لاچاري ۽ بيوسي واري زندگي گذارين ٿا، انهن جو درد ته اهي ئي ڄاڻيندا هوندا، جيڪي اها زندگي گذاريندا هوندا، جڏهن ڪير به واهر ڪرڻ وارو نه هجي، ڏک ونڊڻ وارو نه هجي، بک ۽ تڪليف ۾ ساٿ ڏيڻ وارو نه هجي ته پوءِ زندگي ئي بار ٿي پوندي آهي.

هڪ اهڙي ئي درد ڀري هڪ ڪهاڻي آهي، ڌاٻيجي جي شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني جي لاچار ۽ بيوس رهواسين جي آهي، جن جي واهر ڪرڻ وارو خدا کان سواءِ ڪير به ناهي.

اڄ اسان اهڙي بيوس نينگرين جي ڪهاڻي ٻڌائينداسين، جيڪي 2 ڀينرون ننڍپڻ کان تڪليفن واري زندگي گهاري رهيون آهن، پيءُ ۽ ماءُ جي ڇانوءَ کان محروم يتيم نينگريون 14 ورهين جي سميرا ۽ 12 ورهين جي رمشا جوکيو هڏن جي بيماري ۾ ورتل آهن،
پيءُ ۽ ماءُ جهڙو عظيم رشتو نه هجڻ ڪري ٻنهي کي پنهنجي ناني زيب النساءِ ۽ ماسي شهزادي، فرض سمجهي پاليو ته ضرور آهي، پر هن وقت تائين سندن تڪليف دور ڪرڻ لاءِ علاج ناهي ٿي سگهيو، ٻئي نياڻيون هلڻ ڦرڻ کان مڪمل طور تي محروم آهن.
نياڻين جو درد اوريندي سندس نانيءَ ٻڌايو ته نينگرين جي امڙ سميرا، نياڻي جي پيدائش کان پوءِ وفات ڪري وئي، معصوم نينگريون معذور آھن، هو ٻئي هلڻ ڦرڻ کان مڪمل طور تي لاچار آھن، سندن مسڪين حال آهي، جنهن ڪري نياڻي جو علاج نه ٿي ڪرائي سگهان، اسان جي ته هاڻ زندگي ئي بار ٿي پئي آهي.
نياڻين جو اهڙو درد ڀريو حال احوال ٻڌي ته اکين ۾ لڙڪ تري پئي آيا، هاڻ جيڪڏهن سرهندي وارا سندن مدد ڪن ۽ نياڻي جو علاج ٿي پوي ته سندن زندگيون بار بجاءِ خوشين ۾ تبديل ٿي وينديون ۽ هي ڪٽنب بيوسي ۽ لاچاري واري ماحول مان نڪري خوشحال زندگي طرف وڃي سگهندو.