پاڪستان طرفان ڪشيمرين کي عيد نماز کان روڪڻ جي مذمت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عيد تي ڪشميرين جي مذهبي آزادي تي ڀارتي پابندين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارتي حڪومت انساني حقن، عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

تفصيل موجب والاريل وادي تي قابض ظالم ڀارتي فوج ڪشميري عوام تي مذهبي اجتماع رٿڻ تي پابندي هڻي هڪ ٻيو ظلم ڪيو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪشميري مسلمانن جي لاڪ ڊائون جي سخت مذمت ڪري ٿو، ڀارتي فوج مسلمانن کي مذهبي تهوار ملهائڻ کان روڪيو آهي، سڄي دنيا ۾ مسلمان وڏن اجتماعن ۾ عيد نماز ادا ڪندا آهن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته نماز ادا ڪرڻ جي پابندي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارتي حڪومت انساني حقن ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته وادي کي جيل ۾ تبديل ڪري مسلمانن کي نماز جي ادائيگي کان روڪيو ويو، رابطن جا ذريعا بند ڪري ڪشميرين کي مائٽن سان ملاقات به روڪيو ويو.

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀارت طرفان اجتماعي سزا انساني حقن جي سمورن قاعدن جي ڀڃڪڙي آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي ڪميونٽي جبر جي خلاف ڀارت کان سوال ڪري.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت جي خلاف مذهبي جبر ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like