عدالت يقيني بڻائيندي ته ڊيم فنڊ جو پئسو ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي بحاليءَ تي خرچ نه ٿئي : چيف جسٽس

اسلام آباد(اي پي پي ) سپريم ڪورٽ ۾ ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊيمز تي عملدرآمد ڪيس جي ٻُڌڻيءَ جي موقعي تي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي ريمارڪس ۾ مالي مشڪلاتن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جن سان خرچ گهٽ ٿين. هن چيو ته سٺيون قومون چئلينجز جو مقابلو ڪنديون آهن، ڊيمز فنڊ جي ڊونرز جو سمورو رڪارڊ سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. چيف جسٽس چيو ته عوام کي ٻُڌايو ويندو ته ان جي فراهم ڪيل فنڊن مان ڪهڙي مشينري خريد ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته عدالت يقيني بنائيندي ته ڊيمز فنڊ جو پئسو ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي بحاليءَ تي خرچ نه ٿئي. هن چيو ته ٽرانسميشن لائنز منصوبي لاءِ تمام اهم آهن. گذريل ڏينهن هتي ڊيمز فنڊز عملدرآمد ڪيس جي ٻُڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل عدالت کي ٻُڌايو ته ڊيم فنڊ جي مد ۾ گڏ ٿيل 10 ارب رپين جي ڪل رقم جي سرڪاري سيڪيورٽيز ۾ سيڙپڪاريءَ جي نتيجي ۾ هلندڙ مهيني 17 ارب رپين تائين وڌي ويندي. ڊيمز فنڊ مان ڪو به خرچ نه ٿيو ۽ نه ئي ڪڏهن رقم ڪڍي. هن چيو ته سيڙپڪاريءَ سان حاصل ٿيندڙ منافعو نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ذريعي ٻيهر ٽي بلز ۾ سيڙپڪاري ڪئي ويندي آهي. ٻُڌڻيءَ دوران سيڪريٽري واٽر اينڊ پاور ٻُڌايو ته ڪجهه گرڊ اسٽيشنز تي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي چوري ٿيندي آهي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) جو اهو حال آهي ته ڇو نه انهن جي نجڪاري ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.