اسان چونڊ نه وڙھياسين ته پوءِ ڪير به نه وڙھي سگھندو : خالد مقبول

ڪراچي ( رپورٽر)  اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران  ايم ڪيو ايم جو احتجاج، تڪبنديون نامنظور جا نعرا هنيا ويا، ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن تڪبنديون ٺيڪ نه ٿيون ته پوءِ ڪير به اليڪشن نه وڙهندو، اسين پنهنجو حق وڙهي وٺنداسين، اسان وڙھڻ نه ٿا چاھيون پر توھان سڃاڻو ٿا ته اسين وڙھڻ ڄاڻندا آھيون، ڪراچي جا روڊ اسان جي رت سان ر ڱيل آهن، اليڪشن ڪميشن جي آفيس اڳيان ايم ڪيو ايم جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو، پي ايس پي، فاروق ستار گروپ سميت مختلف ڌڙن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خالد مقبول صديقي جو چوڻ هو ته اسان وڙھڻ نه ٿا چاھيون پر توھان سڃاڻو ٿا ته اسان وڙھڻ ڄاڻندا آھيون، اسان روڊن تي اچي ويا آھيون، ھتان جا روڊ اسان جي رت سان رنگيل آهن، هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جيڪي تڪ بنديون ڪيون ويون آھن ان ۾ پاڪستان جي محب وطن قوم کي اڌ ڳڻيو ۽ ووٽر لسٽن ۾ وڌيڪ اڌ ڪيو ويو، اسان صحيح وقت تي صحيح رستو اختيار ڪري ورتو آھي، هن چيو ته شھري ۽ ٻھراڙي طبقن ۾ نفرت ختم ڪرڻ لاءِ اسان پنھنجي حصي جي قرباني ڏئي چڪا آھيون، ھي پاڪستان پھريان ھندستان ھيو، اسان جو قدم پيو ته ھي پاڪستان بڻيو، خالد مقبول صديقي چيو ته جيڪڏھن تڪ بنديون ٻن ڏينھن ۾ درست نه ٿيون ۽ اسان اليڪشن نه وڙھياسين ته پوءِ ڪير به ھن شھر ۾ اليڪشن نه وڙھي سگھندو، جيڪڏھن قانوني ۽ آئيني حق اسان کي نه ڏنو ويو ته پوء اسان پنھنجو حق کسي وٺنداسين، جيڪڏھن ٻن ڏينهن ۾ توھان ڪجھ نه ڪيو ته پوء اسان پنھنجو فيصلو ڪنداسين، ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته وزيراعظم صاحب جي بليڪ ميلنگ ناھي، اسان پنھنجي قوم سان گڏجي پنھنجو حق گھري رھيا آھيون، مھاجر قوم توھان جي ذميداري آھي يا ناھي، توھان پنھنجو فيصلو ٻڌايو اسان پنھنجي فيصلي ۾ آزاد آھيون، لساني بنياد تي ڪيل تڪ بندين کي قوم رد ڪري ٿي، اڄ ڪراچي روڊن تي آھي، ان موقعي تي پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته ڪراچي تي قبضو ڪندڙن جو منصوبو اڄوڪي احتجاج سبب چڪنا چور ٿي ويو آهي، هن چيو ته 2018 ۾ ٽي ڪروڙ آبادي مان 70 لک آبادي گھٽ ڪري ھي شھر عمران خان حوالي ڪيو ويو،    آصف علي زرداري صاحب جيڪڏھن توھان کي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بڻائڻو آھي ته پوء ڪراچي وارن کي گڏ کڻي ھلڻو پوندو،  ان موقعي تي فاروق ستار جو چوڻ هو ته ھي مظاھرو اليڪشن ڪميشن جي غير منصفاڻي رويي خلاف آھي، جعلي تڪ بنديون وڏي ناانصافي آهي، ھي احتجاج ھڪ نئين سفر جي شروعات به آھي، احتجاجي مظاهري ۾ ايم ڪيو جو اڳوڻو ميئر وسيم اختر، خواجه اظهار الحسن، فيصل سبز واري، انيس قائم خاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.