واشنگٽن( م ڊ) آمريڪا پاران ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ وڌيڪ 10 ڪروڙ ڊالر امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ آمريڪي پرڏيهي ترجمان نيڊ پرائس ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ تباهين کي منهن ڏيڻ ۽ خوراڪ فراهمي لاءِ مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ خوراڪ جي فراهمي، ٻيهر بحالي وارن ڪمن ۾ مدد ڪئي ويندي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته رقم ٻوڏ کان بچاءُ، فوڊ سيڪيورٽي لاءِ ڪتب ايندي . 03