سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس مظاهر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ۾ ڏند چڪ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ )  سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس مظاهر نقوي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون ۾ ڏند چڪ ڏنا.

سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد جي علائقي ۾ ڪار حادثي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جسٽس مظاهر زور ڏنو ته  ان ڪيس ۾ جج مختلف نوعيت جي درخواستن تي هڪ تفصيلي فيصلو ٻڌائي سگهي ٿو؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون چيو ته جج صاحب حڪم جاري ڪيو آهي ته هڪ تفصيلي فيصلو ٿي سگهي ٿو.

ايڊووڪيٽ جنرل جي جواب تي جسٽس مظاهر نقوي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اهو توهان جي قابليت جو معيار آهي؟ توهان کي قانون جي ڄاڻ ناهي ته ان ڪيس تي هڪ فيصلو ٿي سگهي ٿو يا نه؟

جسٽس مظاهر جي ڪاوڙ تي ايڊووڪيٽ جنرل ڳالهائيندي چيو ته توهان مون تي ٺٺول پيا ڪيو، مان ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد آهيان، ڪنهن جي وڪالت نه پر عدالت جو سهڪار ڪري رهيو آهيان، توهان منهنجي بي عزتي نٿا ڪري سگهو، جنهن تي جج فيصلو ٻڌايو ان جي ڪهڙي قابليت آهي؟ جنهن جج فيصلو ٻڌايو ڇا توهان ان جي خلاف فيصلو ٻڌائيندا؟

جسٽس مظاهر ۽ ايڊووڪيٽ جنرل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ تي جسٽس اعجاز چيو ته اسان سڀ هڪ ٻئي کان سکندا آهيون.

ان کانسواءِ سپريم ڪورٽ ڪار حادثي جو ڪيس ٽرائل ڪورٽ کي واپس موڪلي ڇڏيو.

ان ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جوابدار کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي جنهن کي هن چيلنج ڪيو.س

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.