گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي ۾ چورين جي ڌم متل، هڪ ئي رات ٻه ٽرانسفارمر چوري ٿي ويا ، اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڪيوويو، هي چوري جون ٻئي وارداتون گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيون، چوري جي پهرين واردات ڳوٺ سليمان خان چارڻ ڀرسان ٽيوب ويل تي لڳل ٽرانسفارمر اڻڄاتل چور لاهي ويا، جڏنهن ته هوڏانهن ساڳي ئي ڳوٺ جي ڀر ۾ ڳوٺ عباس سنگهڙ مان پڻ ٽرانسفارمر چورائجي ويو آهي ،چوري جون ٻيئي وارداتون هڪ ئي رات ۾ ٿيون آهن.، علائقي واسي ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي.