عثمان شاهه هڙي ۾ ڪارروائي، ٻٻر جو ڪاٺ هٿ

عثمان شاھه ھڙي (ن ع آ)عثمان شاھ ھڙي ويجھو عمر ساند ٿاڻي جي حد ۾ قائم ايلچي ٻيلي ۾ عمر ساند پوليس جي ڪارروائي لکين  رپين جي ماليت جو ٻٻر جو ڪاٺ ھٿ جوابدار فرار.عمر ساند پوليس ڳجهي اطلاع تي ايلچي ٻيلي ڪارروائي ڪندي ڪاٺ سان ڀريل هڪ ڊاٽسن چار رڪشا ڦٽا ۽ اتي موجود وڍي گڏ ڪيل ٻٻر جو قيمتي ڪاٺ ھٿ ڪري ورتو آهي جنھن جي قيمت لکين روپيا ٻڌائي وڃي ٿي ياد رهي ته تيار ٻيلو 60 ايڪڙن تي مشتمل آهي ٻيلي کاتي جي عملدارن جي نااهلي ۽ بي ڌياني سبب ٻيلي جو وڏو حصو نامعلوم ماڻهن وڍي ۽ وڪرو ڪري ڇڏيو آھي ۽ اڃان تائين اھو سلسلو جاري آهي ياد رهي ته ڪجھ ڏينهن پھريان مشائخ ھوٿي پوليس ڪارروائي ڪندي ڪاٺ سان ڀريل مزدا ھٿ ڪري 550 جي ڪارروائي ڪري ڏيکاري ٻي طرف اطلاع آھن ته پوليس ھٿ ڪيل ڪاٺ کي قيصر سينھڙو ويجھو ھڪ پيٽرول پمپ تي گڏ ڪري ورتو آهي ۽ ڪجھ ماڻهن جي گرفتاري جا اطلاع آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.