نواز شريف هلندڙ سال ئي ڏيهه واپس ورندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف 2022ع ختم ٿيڻ کان اڳ وطن واپس اچي ويندو.

بچاءَ واري وزير خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج دوران شهرين جي حقن جي لتاڙ ڪئي وئي ته ان جي حفاظت ڪنداسين، احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي پر آئين ۽ قانون جي حد نه اورانگهي وڃي.

هن چيو ته گذريل چار سال پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ جيڪو اسان جو حال ٿيو ڪو به هڪ ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو، ماڻهن جي سمجهائيندا رهيا آهيون ته هي حالتون آهن.

خواجه آصف چيو ته حڪومت بين سيڪٽرز مان پئسا ڪڍي متاثرن کي ڏئي رهي آهي، ٻوڏ متاثرن لاءِ سياري ۾ رات گذارڻ امتحان آهي، ٻوڏ جي امداد لاءِ ڪنهن کان اهو سوال نه ڪيو ته ڪهڙي پارٽيءَ سان واسطو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.