آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيف جا نالا اڳواٽ ٻڌائڻ تي عوامي آواز گوءِ کڻي وئي

آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جي نالن جي اڄ منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته خبر ڪيترن ئي ڏينهن کان موجود هجڻ باوجود عوامي آواز تصديق وارو عمل پورو ڪيو جنهن کانپوءِ عوامي آواز جي ويب سائيٽ هميشه جيان هڪ ڀيرو ٻيهر گوءِ کڻي وئي آهي، عوامي آواز آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جا نالا اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيا هئا.

عوامي آواز ويب سائيٽ ۽ اخبار ۾ هر رخ کان تصديق ٿيل خبرن کي شامل ڪيو ويندو آهي جتي اڪثر خبرون اوهان کي ڪنهن ٻي اخبار، نيوز ويب سائيٽ يا ٽي وي چينل تي نٿيون ملن.

اسان پنهنجي صحافتي ذميواري کي نظر ۾ رکندي پڙهندڙن تائين بي باڪي سان سموريون حقيقتون پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا.

اسان عوامي آواز ڊاٽ ڪام کي سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ پڙهي ويندڙ ويب سائيٽ بڻائڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.