سياري جي موسم ۽ عوام جون ڏکيائون

غلام حسين جوڻو

جيئن ئي ، ٻوڏ ۽ برسات جي سيلاب ۾ ٺاپر آئي آهي. ماڻهو تباهه ٿيل ڳوٺ ٻيهر ٺاهڻ جي ڪم ۾ لڳي ويا آهن. هن وقت نوان گهر گهاٽ ٺهي رهيا آهن. تيئن ئي ٿڌ به وڌندي پئي وڃي ۽ آهستي ، آهستي پنهنجا پير پختا ڪري رهي آهي. ڏينهن ننڍا ٿيندا پيا وڃن ۽ راتيون وڏيون ۽ ڊگهيون ٿي رهيون آهن. مڇرن جو آزار به وڌي رهيو آهي. سيلابي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري مڇر لامارا ڏيئي رهيا آهن. ماڻهن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون اٿن. مڇرن جي ڪري مليريا بخار به عام آهي. زرعي زمينن ۾ پاڻي بيهڻ جي ڪري. اهي آبادي جي لائق ڪونه رهيون آهن. هاري ويچارا ، بيروزگار ٿي ويا آهن. جنهن ڪري سنڌ ۾ غربت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ۽ ڏڪار ٿيڻ جي خدشي کي رد ڪري نه ٿو سگهجي.

هڪ طرف اها حالت آهي ته ، ٻئي پاسي مهانگائي به وڌي پئي. کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. خاص ڪري ، گرم کاڌا جهڙوڪ مرغي جو گوشت ، بيضا ، ٻاجهري ۽ جوئر جو اٽو داليون ۽ چانور وغيره مهانگا ٿيا آهن. ان کان سواءِ گرم ڪپڙا به مهانگي اگهه ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. جيئن لويون ، مفلر ، گنجيون ، جوراب ، ٿلها سردي جا ڪپڙا ۽ بوٽ وغيره غريبن جي خريد ڪرڻ جي وس جي ڳالهه ڪونه آهي. اڃا ته سياري جي ابتداءِ آهي. هينئر کان اهو حشر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جڏهن سيارو ڦوهه جواني تي پهچندو ته ڇا حال ٿيندو؟. مطلب ته سردي جي ڪري ماحول تي تمام گهڻا منفي ۽ ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. جنهن ڪري غريب عوام الناس انتهائي پريشاني ٿي ويو آهي. انهن جو جيئڻ  جنجال ٿيندو پيو وڃي.

ياد رهي ته ، جانورن لاءِ به گاهه ۽ چاري جي کوٽ آهي. چوپايو مال بکن ۾ پاهه ٿي رهيو آهي. انهن ۾ ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي پيون آهن. جن وگهي ڪيترائي ڍور مري ويا آهن. انهن بيمارين تي ڪوبه ضابطو ڪونه پيو ٿئي ۽ نه وري مويشن تان موت جو راڪاس ٽريو آهي. مطلب ته ڍورن تي به ڏکيا ڏينهن اچي ويا آهن. اڃا اهي ڏکيائيون وڌن پيون. ڪي پکي ۽ جيت سردي کان بچڻ لاءِ حفاظتي جايون پيا ڳولين. ٻه ڏينهن اڳ ۾ ، دوستن ٻڌايو ته ، سردي اچڻ جون نشانيون ڏسڻ ۾ اچن پيون. ککر (ڏينڀو) لڪي رهيو آهي. سردي ۾ ان جيت جو ڏنگ سڙي ويندو آهي. اهو به معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه پکي به غائب ٿي ويا آهن. جيڪي ٿڌ کان بچڻ لاءِ محفوظ ٺڪاڻن ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ نقل و مڪاني ڪري رهيا آهن. ڪجهه پرڏيهي پکي ڍنڍن تي پهچي ويا آهن. جيڪي سردين ۾ هر سال هتي ايندا رهن ٿا. اها ٻئي ڳالهه آهي ته ، شڪاري انهن پکين کي ڦاسائڻ لاءِ هر وقت تيار ۽ نروار رهندا آهن. شڪاري به پنهنجا رڇ ۽ ڄاريون کڻي ميدان تي اچي ويا آهن. پرڏيهي شڪارين جي آمد جاري آهي ۽ ڪي پهچي چڪا آهن ته ڪي وري پهچڻ وارا آهن. اهو به معلوم ٿيو آهي ته ، زهريلا جيت ، نانگ ۽ بلان به صبح جي پهر ۾ ماڪ چٽڻ لاءِ ٻرڙن مان ٻاهر نڪريو اچن ٿا ۽ ٿوري وقت کان پوءِ گم به ٿيو وڃي. آئون روزانه صبح جو سوير ورزش ڪرڻ لاءِ روڊ جي ڪناري سان ويندو آهيان. اتي ڄاڻايل  جيتن جي پٽن جا نشان ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته اهي جيت رات جي پوئين پهر نڪرن ٿا. ماڪ جي ڳالهه نڪتي آهي ته ، هتي اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته ، ڪڻڪ جي فصل لاءِ ماڪ (شبنم) تمام گهڻي فائديمند آهي. جيتري ماڪ گهڻي پوندي ، اوتري ڪڻڪ ڀلي ٿيندي. هاڻ ته ڪوهيرو به شروع ٿي ويو آهي. اهو به صبح واري پهر ۾ ٿئي ٿو. ڪوهيرو جنهن کي “ڌنڌ” يا “دونهون” ڪري سڏجي ٿو. سو به سياري جي سردي ۾ واڌ جي نشاني سمجهي وڃي ٿي.

سنڌ جا فصل ته ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي سڙي ختم ٿي ويا. پر، جيڪڏهن وڌيڪ سردي ٿي ۽ پارو ڄميو ته ، موجوده فصل تباهه ٿي ويندا. ان امڪان ۽ خدشي کي هر گز رد ڪري نه ٿو سگهجي. ان صورت ۾ زراعت جو رهيو کهيو نور به چٽ ٿي ويندو. هاري ۽ آبادگار ٻج ، ڀاڻ ۽ زرعي مشينري جي ڪم جا پئسا به ڀري ڪونه سگهندا. هو ، وڌيڪ قرضي ٿي ويندا. واپاري ۽ سيٺيون به انهن سان ڪا رعايت ڪونه ڪندا. پوءِ “ساڳيا لاٽون ، ساڳيا چگهه” جي مصداق وانگر هاري ۽ آبادگار وري به سورن ۾ رهندا. جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ته ، حڪومت زراعت سان لاڳاپيل طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ ، مناسب قدم کڻي ، ڄاڻايل  ماڻهن جي پريشاني دور ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. حڪومت جي اها ذميواري آهي ته ، هر ڏکي مهل ۾ عوام جي سار سنڀال لهي ۽ عوام کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي. اها ، واڳ ڌڻين جي هڪ اهم ذميواري آهي. اميد ته هن طرف توجهه ڏنو ويندو ته جيئن ڄاڻايل  ماڻهن جون پريشانيون دور ٿي سگهن.

هڪ طرف عوام سراپا سورن ۾ آهي ۽ مصيبتن ۾ ورتل ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻئي طرف خوشيون به حد کان وڌيڪ ٿي رهيون آهن. تمام گهڻين شادين جون تقريبون ٿي رهيون آهن. اهو ، روڊ خالي نه آهي. جتان روزانه ڄڃون وينديون نه هجن. شادي هال بڪ ٿي رهيا آهن. ٻهراڙي جا ماڻهو به شادي هالن ۾ ڄاڻايل  تقريبون ڪرائيندا ورتن. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ شادي ڳوٺن ۾ ٿئي ٿي.  باقي شهرن ۾ اڪثر شادين جا ڀت ڪيا پيا وڃن. خوشيون ته سدائين هجن. پر ، سمجهه ۾ اچي ٿو ته ، سياري جي مند شادين جي لاءِ بهترين آهي. جنهن ڪري ماڻهو هن موسم کي اهميت ۽ ترجيح ڏين ٿا. اهو هڪ خيال آهي ته ، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال وڌيڪ شادين جون تقريبون ٿي رهيون آهن. خوشين جي ڪري ، ماڻهن جون تڪليفون وسرنديون پيون وڃن. روزانه گهوٽ لائون لهن پيا ۽ موڙ ٻڌن پيا. عورتون ڳيچ ڳائينديون رهن ٿيون. هر گهر يا اوطاق ۾ شادين جا دعوت ناما (ڪارڊ) پيل هوندا. جيڪي هر روز نوان ملي رهيا آهن. الله تعاليٰ اهي خوشيون قائم و دائم رکي . آمين

سياري جي موسم ۾ هر سال عوامي کليل ڪچهريون ڪيون وينديون آهن. جن ۾ عوام جا ڏک ۽ سور ٻڌا ويندا اهن. عام ماڻهن کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو ويندو آهي. پوءِ مسئلا حل ته ڪونه ٿا ٿين. پر، دنيا کي ڏيکارڻو آهي ته عوام جي مسئلن معلوم ڪرڻ لاءِ هي ميڙاڪا   ڪرايا اٿئون ۽ ڪچهريون ڪرايون پيا ته جيئن عام ماڻهن جا ڏک سک معلوم ڪري سگهون. هاڻ به ، اهو سلسلو شروع آهي. بي اختيار ڪامورا وزير ۽ مشير کليل ڪچهريون ڪرائي رهيا آهن. جن ويچارن جي هٿ ۾ ڪجهه به ڪونه آهي. هو صرف عوام کي آسرا ۽ دلاسا ڏيندا. باقي عملي ڪم ڪجهه به ڪري ڪونه سگهندا. مسئلا تڏهن حل ٿيندا جڏهن انهن کي ڪو اشارو ملندو يا مٿئين قيادت حڪم صادر ڪندي. پوءِ ، هر ، مسئلو بنا ڪنهن رنڊڪ ۽ رڪاوٽ جي پاڻهي حل ٿي سگهي ٿو. بهرحال هاڻ ڄاڻايل  ڪچهرين جي موسم اچي ويئي آهي. اهڙي هڪ ڪچهري تازو سڪرنڊ شهر ۾ به ٿي گذري. جنهن ۾ ضلعي جي روينيو آفيسرن سان گڏ ڪن ٻين کاتن جا سربراهه به موجود هئا. جتي مسٽر چنڱل خان انڙ ، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ، هتي جيڪا امداد ورهائي ويئي آهي سا صرف پ پ پ وارن کي ڏني ويئي آهي. اها سياسي بنيادن تي ورهائي اٿن. پ پ پ مخالفن کي هڪ لوڻ جي ٿيلهي به ڪانه ڏني ويئي آهي. بهرحال کليل ڪچهرين جي موسم آهي. مچ ڪچهريون به اڃا شروع ڪونه ٿيون آهن. اهي ويجهڙائپ ۾ شروع ٿينديون. اسڪولن ۾ درس و تدريس جو ڪم گهٽ وڌ ۽ ٿورو گهڻو ٿئي پيو. باقي رانديون جام ڪرايون وڃن ٿيون.

هن موسم جي ابتدا ۾ ، سيهوڻ وٽ حادثو پيش ٿيو. جنهن ۾ ويهه ڄڻا مري ويا ۽ ڪجهه زخمي به ٿيا آهن. متاثر خاندانن لاءِ سياري جي شروعات ڏاڍي خراب ثابت ٿي آهي. اڃا سيارو ڪجهه مهينا هلندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.