پاڪستاني معيشت خراب آهي، ڊيفالٽ ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيا آهيون: فواد چوڌري

لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته نواز، زرداري سڀ ملڪ ۾ مارشل لا لڳرائڻ چاهين ٿا، راهه ۾ رڪاوٽ واحد اسان جي پارٽي  آهي، ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسلام آباد ۾ جيترا مرضي ڪنٽينر لڳايو ايندڙ بندوبست ڪري ايندا، اسان کي ڪيترا ڏينهن ويهڻو آهي؟ اهو اسان ڇنڇر تي ٻڌائينداسين، هن چيو ته پاڪستاني معيشت خراب آهي، ڊيفالٽ ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيا آهيون، آرمي چيف جي مقرري معاملي کي انهن چورن تڪراري بڻايو، آرمي چيف لاءِ اسان جو ڪو به فيورٽ ناهي، هن چيو ته ڪلب ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ان طرح تبديل نٿو ٿئي جيئن آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ڪيو پيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.