نئين آرمي چيف لاءِ سمري دفاع وزارت حوالي،6 سينئر ليفٽيننٽ جنرلن جا نالا شامل

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)  حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ  ۾ آرمي چيف جي مقرريءَ  تي پيدا ٿيل ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو آهي. سمري وزيراعظم  آفيس پهچي  وئي آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف نئين آرمي چيف ۽ چيئرمين  جوائنٽ چيفس جي نالن جي اڄ منظوري ڏئي ڇڏيندو.
نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته 36 ڪلاڪ اڳ تائين اسلام آباد ۽ پنڊيءَ  ۾  اهم مقرريءَ  تي معاملا اختلافن جو شڪار هئا پر ڪالهه جا اطلاع اهي آهن ته معاملا  بهتريءَ  طرف اچي ويا آهن. ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو آهي. ان هوندي به اسٽيبلشمينٽ جا 2 اهم آفيسر سرگر م آهن ان ڪري ڪنهن به قسم جي اڳڪٿي ممڪن نه آهي.

صحافي پرويز سنڌيلا جو چوڻ آهي ته بچاءَ کاتي واري وزير خواجا  آصف ۽ (ن)  ليگ جي سينيئر اڳواڻ ملڪ احمد خان جون  اسٽيبلشمينٽ سربراهه سان 4 کان 5 ملاقاتون ٿيون جنهن بعد وزيراعظم شهباز شريف، جنرل قمر جاويد باجوا  ۾ به ڊگهي ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ تڪرار  جو خاتمو ٿي ويو آهي.

ذريعن  جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم پنهنجي موقف تي ڄمي بيهي رهي آهي ته آرمي چيف مقرر ڪرڻ وزيراعظم جو اختيار آهي ان تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي نه ئي ڪنهن جي آڏو بليڪ ميل ٿينداسين. حڪومت وڃي يا رهي ان جي پرواهه نه آهي. اتحادي حڪومت جي ان سخت پيغام کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ پنهنجي موقف تي نظر ثاني ڪرڻ بعد لچڪ جومظاهرو ڪيو آهي جنهن کانپوءِ معاملا معمول تي اچي ويا آهن.

ناميارن صحافين اعزاز سيد ۽ عمر چيمه جوچوڻ آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي نالن جو اعلان ٿي ويندو. وزيراعظم آفيس کي سمري پهچي وئي آهي. جنهن بعد وزيراعظم  شهباز شريف آرڊر ڪندو جنهن موجب جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي 27  نومبر ۽ آرمي چيف 29 نومبر تي عهدن جي چارج سنڀالي وٺندا. صدر  علوي کي به پيغام ملي ويو آهي ته سمري روڪڻ جي  حرڪت نه ڪرڻي آهي ڇو ته ادارو هڪ ڪلاڪ به ڪمانڊ بغير رهي نٿو سگهي.

صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم  شهباز شريف سڀاڻي صبح جو 9 وڳي ڪابينا  جو اجلاس سڏائي ورتو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جي اڄ  سمري نه آئي ته وزيراعظم ڪابينا جي منظوريءَ  سان آرمي چيف جي مقرريءَ  جو اعلان ڪري ڇڏيندو. ان بعد ترڪي روانو ٿي ويندو.

رات دير سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ سندس عيادت ڪئي. مجموعي ملڪي سياسي صورتحال ۽ آرمي چيف جي مقرريءَ  تي ڳالهيون ڪري وزيراعظم کي پنهنجي حمايت جو مڪمل يقين ڏياريو آهي.

ٻئي پاسي  نئين آرمي چيف جي مقرريءَ لاءِ سمري رات دير سان وزيراعظم آفيس پهچي وئي آهي جنهن ۾ 6 جنرلن جا نالا شامل آهن. جنرل ليفٽيننٽ عاصم  منير، جنرل ليفٽيننٽ ساحر شمشاد، جنرل اظهر عباس، جنرل نعام محمود، جنرل فيض حميد ۽ جنرل محمد عامر جا نالا شامل آهن. ناليواري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي ته سمري جو معاملو ڪافي تڪراري رهيو، آخرڪار رات دير سان  سمري وزيراعظم آفيس  پهچي وئي. جنهن  کانپوءِ افواهن ۽ اڳڪٿين جو خاتمو اچي ويو آهي. امڪان آهي ته اڄ نالي جو به اعلان ٿي ويندو.

نوٽ: هي تبصرو روزاني عوامي آواز اربع 22-11-23 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.