مختيارڪار هٽايو: شهدادڪوٽ ۾ ايس يو پي جو احتجاج

شھدادڪوٽ (ت ر ) شھدادڪوٽ ۾ مختيارڪار خلاف ايس يو پي ڪارڪنن ۽ ٻوڏ متاثرن پنجين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي حاڪم مستوئي، الله داد خشڪ، آصف مگسي، آصف لاشاري، ڪائونسلر ۽ ٻين چيو ته شھدادڪوٽ جو مختيارڪار سھراب شيخ ٻوڏ متاثرن سان وڏي ناانصافي ڪري رھيو آهي، سرڪاري توڙي سرڪاري آيل امداد حقيقي متاثرن کي ڏيڻ بدران من پسند ۽ سفارشي ماڻهن کي ڏنو وڃي ٿو. سيارو شروع ٿي ويو آهي. ھزارين متاثر  پنهنجي گھرن آڏو کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهن، نه خيما ڏنا ويا نه وري راشن ملي ٿو. متاثر سخت تڪليف کي منھن ڏيئي رھيا آهن. مختيارڪار بااثر ماڻهن ۽ سياستدانن جي پرچين ۽ ياري باشي تي امداد پيو ڏي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته راشي مختيار ڪار خلاف ڪارروائي ڪري مستحقن جي سهائتا ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.