صدر علوي ذريعي حڪومت سان ڪيل ٺاهه تان عمران ڦري ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  صدر عارف علوي ذريعي اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار سان حڪومت ۽  پي ٽي آءِ  ۾ ٿيل ٺاهه تان عمران خان 24 ڪلاڪن ۾ ڦري ويو آهي ۽ فيض آباد وٽ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي موجب عمران خان  جي ان قلابازي سبب هڪ طرف صدر عارف علوي ۽ ٻئي طرف  پي ٽي آءِ جي اعليٰ  قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر پريشان ٿي وئي آهي.ڇو ته صدر عارف علوي اعليٰ  شخصيتن جي سهڪار سان حڪومت سان معاملا طئه  ڪري ڇڏيا هئا ۽  عمران خان کي به ڄاڻ ڏني وئي هئي، هن راضپو به ظاهر ڪيو هو پر صرف 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد عمران خان يوٽرن وٺي ڇڏيو  آهي. جنهن دوران شيخ رشيد ۽ پرويز الاهي به عمران خان کي سمجهائڻ  جي ڪوشش ڪئي آهي پر عمران خان پٺتي هٽڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن ڪري هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي  غير يقيني عروج تي پهچي چڪي آهي.

نوٽ: معظم فخرجوهي تبصرو روزاني عوامي آواز اڱارو 22-11-22 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.