نوا ب شاهه ۾ جهيڙو، فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

نواب شاھ (رپورٽ: ايم بي چانڊيو) نواب شاهه اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مهراڻ ڪالوني ۾ گهرو مسئلي تان راهو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڌر جي  هٿياربندن 35 ورهين جي علي خان راهو کي گوليون هڻِي شديد زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن  کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو اسپتال آندو ويو، جتي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس وارثن جو چوڻ هو ته علي خان راهو سان سندس ئي برادري جي حمير راهو ۽ ٻين جو گهرو مسئلي تان ڪافي عرصي کان تڪرار هلندڙ هو. ٻئي طرف جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.